انساني عملن ۾ انساني اختيار ۽ ارادو : محمد انس راڄپر
ٻئي پاسي قرآن ۾ اهو ٿو ڏسجي ته الله تعالى ڪيترن ئي عملن جي ڪرڻ جي انسان کان گهر ڪئي آهي، جيئن فرمان آهي:
”اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ“ (الله تي ايمان آڻيو) يا جيئن:
”وَ اَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ“ (نماز قائم ڪريو)،
”وَ اٰتُوا الزَّكٰوةَ“ (زڪوات ادا ڪيو)
ساڳئي وقت الله تعالى انسان کي ايمان ۽ هدايت قبول نه ڪرڻ جي صورت ۾ عذاب جو مستحق به قرار ڏنو آهي. جيئن فرمان آهي:
وَّ لَهُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌؒ۰۰۷ (انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي) وغيره.
جيڪڏهن هدايت ۽ گمراهي، نيڪيءَ ۽ بديءَ ۾ انسان جو ڪوبه اختيار ۽ وس ڪونه ٿو هلي ته پوءِ انسان کان انهن جي الله گهر ڇو ڪئي آهي ۽ ڇو انهن کي هدايت قبول نه ڪرڻ ۽ صالح عمل نه ڪرڻ تي عذاب جو مستحق قرار ڏنو آهي.
هن مسئلي تي علم ڪلام جي نقطه نظر کان به بحث ڪري سگهجي ٿو. پر هتي اسان مسئلي تي لغت ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان بحث ڪريون ٿا. جنهن کان پوءِ هن موضوع سان تعلق رکندڙ قرآن جون آيتون سمجهڻ به آسان ٿي پونديون. ۽ مسئلي جي نوعيت به سمجهه ۾ اچي ويندي. عربي لغت ۽ ٻوليءَ جي امام، امام راغب اصفهاني لکيو آهي ته: انسان جيڪي ڪم ڪري ٿو ان جا ٻه پهلو آهن، هڪ پهلو هيءُ آهي ته اهو ڪم ڪرڻ وارو ڪير آهي. ان لحاظ کان چئبو آهي ته فلاڻي هيءُ ڪم ڪيو، فلاڻي نه ڪيو. ٻيو پهلو هوندو آهي ته اهو ڪم ڪنهن جي طرفان ساڃهه، توفيق ۽ سگهه ملڻ سان ٿيو ۽ اهو ڪم انسان لاءِ ڪنهن آسان ڪيو؟. هن لحاظ کان هر ڪم جو پهريون سبب الله آهي، ان ڪري چئبو ته ان جو ڪرڻ وارو الله آهي. يعني جيڪڏهن ڪو هدايت يافته ٿيو ته اهو به چئي سگهجي ٿو ته: ”فلاڻو هدايت وارو ٿيو آهي“ ائين به چئي سگهجي ٿو ته: ”فلاڻي کي الله هدايت ڏني آهي“.
مثال زيد ڪنهن کي ڪجهه ڏنو ته اهو به چوڻ صحيح آهي ته: ”زيد ڏنو“. اهو چوڻ به صحيح آهي ته: ”الله ڏنو“. هيءُ ته ديني نقطه نظر کان آهي پر امام راغب فرمائي ٿو ته، هونءَ به انساني ڪمن جا ڪيترائي سبب ٿيندا آهن. ۽ انساني ڪم ٻوليءَ ۽ عام محاوري ۾ انهن سڀني سببن ڏانهن منسوب ٿيندا رهندا آهن. امام راغب ان جا ڪيترائي مثال ڏنا آهن، اسان صرف هڪ مثال پيش ڪريون ٿا.
هڪ پکيءَ جي پرن مان ڪنهن ڪاريگر شاعر لاءِ بهترين نيزو ٺاهيو شاعر ان جي ساراه ڪندي چيو:
ڪست رايشها مضرحيھ
شڪاري پکيءَ کيس پنهنجا پر پهرايا آهن.
زرهه پاتي ته شاعر پاڻ هوندي پر ان جو هڪ سبب اهو پکي بڻيو، جنهن جي پرن سان زرهه ٺاهي وئي، ان جو سبب ڪاريگر به هو پر شعر ۾ لطف ڀرڻ لاءِ ان جي نسبت پکيءَ ڏانهن ڪئي وئي.
ان طرح هدايت، گمراهي، برو يا ڀلو عمل انساني ڪم آهي، جيڪي انسان پنهنجي اختيار ۽ ارادي سان ڪندو آهي پر ان لاءِ الله تعاليٰ جا قانون جڙيل آهي ته هن روش ۽ هن ڪم ۽ هن تلاش ۽ تڙپ جي نتيجي ۾ هيءَ هدايت ماڻهوءَ کي پلئه پوندي. اهڙي طرح هن روش، هن ڪم ۽ هن بي رخيءَ ۽ بي گوندرائي جي سبب ماڻهوءَ کي گمراهي ۽ ضلالت پلئه پوندي. اهي قانون ڇاڪاڻ ته الله جا جوڙيل آهن، انهيءَ ڪري انهن قانونن جي نتيجي طور مليل هدايت يا گمراهي جي نسبت الله ڏانهن چوڻ ۾ اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته انهن قانونن جي توفيق ۽ ساڃهه الله وٽان ملندي آهي ان ڪري قرآن شريف ۾ ڪڏهن انهن انساني ڪمن جي الله طرف نسبت ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن انسان ڏانهن ڪئي ويندي آهي. الله ڏانهن نسبت جو مطلب اهو نه وٺڻ گهرجي ته انسان کي ڪو پنهنجي ڪمن ڪرڻ جو ڪو اختيار ئي ڪونهي. بلڪه انسان جي هر ڪم جو انسان کي پورو پورو اختيار آهي، ان ڪري پنهنجي هر عمل جو انسان پاڻ ذميوار آهي. انسان پنهنجي ڪم جي ارادي، چونڊ ۽ ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ تي پورو وس رکي ٿو، ان ڪري ان جو پاڻ ذميوار به آهي. جيئن الله فرمايو آهي.
بَلٰى مَنْ كَسَبَ سَيِّئَةً وَّ اَحَاطَتْ بِهٖ خَطِيْٓـَٔتُهٗ
”ها جنهن برائي ڪمائي ۽ سندس گناهن کيس گهيري ورتو.“
ٻئي هنڌ آهي:
وَ مَنْ اَرَادَ الْاٰخِرَةَ وَ سَعٰى لَهَا سَعْيَهَا
”جنهن آخرت جو ارادو ڪيو ۽ ان لاءِ ان پنهنجون ڪوششون ڪيون“
ان ۾ صاف نظر پيو اچي ته بري يا ڀلي ٻنهي جو ارادو ۽ ڪسب انسان جي اختيار ۾ آهي ۽ ان جو ذميوار به هو پاڻ آهي. ارادو ۽ ڪسب انسان پاڻ ڪندو آهي ان جي تڪميل جي سگهه ۽ قوت انسان کي الله عطا ڪندو آهي. انسان جي مرضي آهي جهڙو به ارادو ڪري، الله ان کي هر ارادي ۽ ان جي ڪوشش ۾ تڪميل جي سگهه عطا ڪندو آهي، برو ارادو ڪري يا چڱو. جيئن الله فرمائي ٿو:
كُلًّا نُّمِدُّ هٰۤؤُلَآءِ وَ هٰۤؤُلَآءِ مِنْ عَطَآءِ رَبِّكَ١ؕ وَ مَا كَانَ عَطَآءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا۰۰۲۰
”هر ڪنهن جي اسان مدد ڪندا آهيون. اها تنهنجي رب جي عطا آهي ۽ تنهنجي رب جي عطا ڪنهن کان به جهليل ڪانهي.“
قرآن ۾ الله بندن جي گمراه ڪرڻ جي به پاڻ ڏانهن نسبت ڪئي آهي. جيئن: فَیُضِلُّ اللہُ مَنۡ یَّشَآءُ“ (الله گمراه ڪندو آهي، جنهن کي گهرندو آهي.) اهو سمجهائيندي معجم الفاظ القرآن الکريم واري لکيو آهي ته: ”اضله“ جون ٻه معنائون آهن:
1. جعلہ ضالا (کيس گمراهه ڪيائين)
2. وجده ضالا (کيس گمراهه لڌائين)
عربي محاوري مان ان جو مثال بيان ڪندي لکيو اٿس:
”يقال: احمدته وابخلته، اي وجدته محمودا وبخيلا
(چيو ويندو آهي ”احمدته وابخلته“ يعني کيس ساراهيل ۽ بخيل ڏٺم)
وڌيڪ لکي ٿو ته: ”انهن ٻن معنائن ذريعي قرآن ۾ گمراهن جي گمراهيءَ جي الله ڏانهن نسبت جو تفسير ڪرڻ ممڪن ٿي پيو آهي جيئن: فيضل الله من يشاءُ ۽ ’ومن يضلل الله فما لہ من هاد‘جيڪڏهن ’اضلال الله‘ جي معنى ’جعل‘ (گمراهه ڪرڻ) وٺجي ته ان جو مطلب ٿيندو ته: الله انسان جي جبلت ان طرح ٺاهي آهي ته جڏهن اهو سٺي يا خراب رستي جي رعايت رکندو ته الله ان سان سندس الفت وڌائيندو ۽ ان سان کيس لازم بنائي ڇڏيندو ۽ ان کان ان جو ڦرڻ يا ڦيرائڻ ناممڪن ٿي ويندو. اهو ان جي طبيعت ٿي ويندو. ان طرح گمراهه ڪرڻ جي نسبت الله ڏانهن ڪرڻ صحيح ٿي پوندي، جنهن انسان جي جبلت ان طرح ٺاهي آهي.“
هن بيان جي لحاظ کان گمراهه ڪرڻ جي الله ڏانهن نسبت ڪافر ۽ فاسق جي باري ۾ قرآن ۾ آئي آهي. ڇاڪاڻ ته اهي گمراهيءَ سان محبت ڪن ٿا، انهن کي هدايت جي تڙپ ئي ڪونهي. اهو خدا جو قانون آهي ته تڙپ ۽ تلاش نه هوندي ته هدايت به نه هوندي. مومن جي باري ۾ گمراهيءَ جي ڳالهه نه آئي آهي، بلڪه الله مؤمن کي گمراهه ڪرڻ جي پاڻ ڏانهن نسبت کان انڪار ڪيو آهي.. جيئن فرمان آهي:
وَمَا کَانَ اللہُ لِیُضِلَّ قَوْمًۢا بَعْدَ اِذْ ہَدٰىہُمْ
”الله کي نه ٿو جڳائي ته ڪنهن قوم کي انهن جي هدايت واري ٿيڻ کان پوءِ گمراهه ڪري“
الله جو ڪنهن جي دلين کي ڦيرائڻ، دلين تي مهر هڻڻ، دل جي بيماري کي وڌائڻ به ان طرح آهي، ته الله تعالى ڪافر ۽ فاسق جي گمراهيءَ سان محبت جي ڪري ان جي دلين کي گمراهي ڏانهن ڦيرائي ٿو ڇڏي يا ايمان قبول ڪرڻ کان انهن جي دلين تي تالا هڻي ٿو ڇڏي يا انهن جي دل جي بيماري وڌائي ٿو ڇڏي.
ان اصول تي الله تعالى جي قرآن ۾ هن فرمان کي سمجهڻ گهرجي. فرمان آهي:
خَتَمَ اللہُ عَلٰی قُلُوبِہِمْ وَعَلٰی سَمْعِہِمۡ ؕ وَعَلٰۤی اَبْصَارِہِمْ غِشَاوَۃٌ ۫
وَّلَہُمۡ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ ٪﴿۷﴾
”الله انهن جي دلين ۽ ڪنن تي مهر هڻي ڇڏي آهي. ۽ انهن جي اکين تي پردا آهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.“
ان جو مطلب به اهو آهي ته جيڪي ماڻهو هٺ، ضد ۽ دشمني ۾ اچي ويندا آهن ته الله انسان جي جبلت ٺاهي آهي ته هٺ ۽ ضد جي ڪري اهي صحيح ۽ حق ڳالهه سمجهڻ، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت کان ئي محروم ٿي ويندا آهن. ان قانون تحت انهن جي دلين تي مهر لڳڻ جي نسبت انسان جي جبلت ٺاهڻ واري الله ڏانهن ڪري سگهجي ٿي پر ان جو اهو مطلب نه وٺبو ته اهو ڪو الله پنهنجي مرضي سان ڪيو آهي بلڪه ان جو سبب خود انسان پاڻ آهي. اها ڳالهه هن آيت مان وڌيڪ چٽي ٿئي ٿي جنهن ۾ آهي ته ڪافرن چيو: قلوبنا غلف“ (اسان جون دليون تالي لڳل آهن) ته الله تعالى کين جواب ۾ چيو: بل طبع الله عليها بکفرهم“ (بلڪه الله انهن تي انهن جي ڪفر جي ڪري مهر هڻي ڇڏي آهي) هن آيت ۾ مهر هڻڻ جي الله پاڻ ڏانهن نسبت ڪئي آهي، پر ان جو سبب ٻڌايو آهي ته انهن جي ڪفر جي ڪري الله انهن تي مهر هنئين آهي. جنهن مان ثابت ٿيو ته ان جو اصل سڀ خود انسان جو پنهنجو فعل آهي.
ڳالهه جو آخري نتيجو اهو ته هدايت توڙي گمراهي انسان جي پنهنجي ارادي ۽ ڪوشش جو نتيجو آهي. الله فرمائي ٿو:
وَالَّذِیۡنَ جَاہَدُوۡا فِیۡنَا لَنَہۡدِیَنَّہُمْ سُبُلَنَا۔
”جيڪو اسان ڏانهن اچڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي اسان پنهنجا رستا کولي ڏيکارينداسين.“
اهڙيءَ طرح گمراهي به انسان جي پنهنجي ارادي ۽ ڪوشش جو نتيجو آهي جيڪي گمراهيءَ ڏانهن رغبت رکندا آهن، تن جي گمراهيءَ کي الله تهائين وڌائي ڇڏيندو آهي.