سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو بنياد وجهڻ
1930ع ۾ ئي ميرپورخاص ۾ جمشيد نسروانجي ميهتا، ڄيٺمل پرسرام، پرنسپال گوڪلي ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو بنياد وجهرايائين، جنهن جو پهريون صدر پرنسپال جي. ايم. گوڪلي چونڊيو ۽ اُن جو سيڪريٽري ڄيٺمل پرسرام ۽ جوائنٽ سيڪريٽري شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي. ايم. سيد چونڊيا ويا. جي. ايم. سيد سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ 1954ع تائين ميمبر طور ڪم ڪندو آيو. ٽيننسي ائڪٽ پاس ڪرائڻ کان وٺي هارين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترا ڪم ڪيائين. ان عرصي دوران هو ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ به سرگرم رهيو. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست بابت پروگرام ڪرايائين.
مئي 1930ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي بنگلي تي اهم قومي ڪارڪنن جي گڏجاڻي ڪوٺايائين، جنهن ۾ انگريزي اخبار ڪڍڻ جو سوچيو ويو ۽ هڪ وفد سان گڏ محمد علي جناح سان ملي کيس سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ گذارش ڪيائين. ان ڏس ۾ نومبر ۾ ٻي گڏجاڻي ڪوٺايائين، جنهن ۾ حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضي شرڪت ڪئي.
1931ع ۾ خان عبدالغفار خان سان ڪراچيءَ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ خالق ڏني هال ۾ ’نوجوان ڀارت سڀا‘ جي پليٽفارم تان سخت تقريرون ڪيائين. 1931ع ۾ ئي سباش چندر بوس ۽ ڀڳت سنگهه جي يوٿ ليگ جو ميمبر ٿيو.
سائين جي. ايم. سيد ڪمشنر گبسن جي سخت مخالفت جي باوجود ضلعي لوڪلبورڊ جي بلڊنگ ٺهرائي، جنهن ۾ اڳتي هلي، ريڊيو پاڪستان ڪراچي قائم ٿيو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين رستو قائم ڪرايائين، ڪليڪٽر گبسن سندس سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان تنگ ٿي، تعلقي ڪوٽڙيءَ کي 1 آڪٽوبر 1931ع تي ڪراچيءَ کان جدا ڪرائي، نئين ٺهرايل دادو ضلعي ۾ شامل ڪرايو، جنهن ۾ ڪوٽڙي تعلقو، محال مانجهندن جي ايراضي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان ميهڙ ڊويزن جا تعلقا، ميهڙ، ڪڪڙ، جوهي، دادو ۽ سيوهڻ ملايا ويا. پر نين چونڊن ۾ نه رڳو جي. ايم. سيد ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر چونڊجي آيو، پر ضلعي دادوءَ جو به ميمبر چونڊجي آيو، جتي هن وائيس پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيو. جڏهن ضلعي لوڪلبورڊ جي انجنيئر لاءِ مسٽر گبسن جي هڪ واسطيدار ڪرسچن اميدوار جي مقابلي ۾ جي. ايم. سيد، محمد هاشم گزدر کي چونڊائي، چارج وٺرائي ته ان تي ڪليڪٽر گبسن ناراض ٿي، محمد هاشم گزدر کي ڪڍڻ لاءِ جي. ايم. سيد تي زور ڀريو، پر هن انڪار ڪيو، جنهن تي ڪمشنر سرڪاري دٻاءَ ۽ لالچ ذريعي ميمبرن جي اڪثريت کي پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جي. ايم. سيد جرئت جو مظاهرو ڪندي، رولنگ ڏئي، ٺهراءَ کي قانوني حجت تي رد ڪري ڇڏيو. جنهن تي ڪليڪٽر لوڪلبورڊ جي سرڪاري گرانٽ بند ڪري ڇڏي. جيڪا جي. ايم. سيد پنهنجي دوستن ميران محمد شاهه، خان بهادر کهڙي ۽ سر شاهنواز ڀُٽي جي مدد سان نه رڳو بحال ڪرائي، پر هاشم گزدر جي مقرري به حڪومت کان منظور ڪرائي ورتي. ٽڪراءُ وڌي ويو، ان بعد سيد کُلم کلا نه رڳو ڪانگريس جي حمايت جاري رکي، پر سماجي سرگرمين کي به جاري رکندو آيو.