101 کان 200
102. پٽ به ليکو، پيءُ به ليکو.
103. پنھنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب.
104. پن ٻوڙي پاتال ۾، پٿر به تاري پاڻ.
105. پاڙو آھي، ابو اما.
106. پرائي ڏسي، پنھنجي جھڳي نه ڊاھجي.
107. پڙھڻ ترڻ تير ھڻڻ چوٿين سواري، ننڍي ھوندي نه سکئين، وڏي خواري.
108. پڇ ٻڌي مھري ڪيو اٿس (لاڏو اٺ پچ کليل. مھري= سواريءَ جي اٺ جو پڇ ٻڌل ھوندو آھي.
109. پئنچن ۾ پرميشور آھي.
110. پنج پنجوءَ وارا کٽا ئي پيا اٿس.
111. پئسو اڄ شينھن جي پيٽ ۾ آھي.
112. پڙھيو آھي پر ڪڙھيو ڪين آھي.
113. پاڻُ ڪري پاسي پاڻَ کان، ڏس پرينءَ کي پاڻَ ۾.
114. پنھنجي گھوٽ ته نشا ھووئي.
115. پنھنجي ڏاڙھي ٻئي جي ھٿ ۾ نه ڏجي.
116. پنھنجي پٺ ورائي ڪنھن ڪو نه ڏٺي آھي.
117. پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا.
118. پاڻ کان وڌيڪ جيڪو ٻئي کي گھري، سو به ڏائڻ.
119. پرائي جھار پرائي جھرڪي.
120. پئسي پلو مھانگو، رپئي پلو سھانگو.
121. پنج ئي گيھ ۾ اٿس.
122. پير جي پٺ، ناني جي مٺ.
123. پئسو ويو ڪجھ ويو، عزت ويئي سڀ ڪڇ ويو.
124. پيٽ اٿيئي ڪين ساڌ ٻيلي جو ٻيٽ.
125. پاڻي ھيٺانھينءَ تي وھندو آھي.
126. پنھنجي پير تي پاڻيھي ڪھاڙو ھڻڻ.
127. ڦڪيون تڏھن فرق ڪن، جڏھن امر ٿئي انھيءَ جو.
128. ڦونڊ ۾ ڀريو ٿو وتي.
129. ڦريو واڻيو ڪاڳر سوري.
130. ڦاٿو ته ڦٿڪڻ ڪھڙو.
131. جنھن وڻ جي ڏار تي ويھجي، ان کي نه ڪپجي.
132. جڳ رسي ته ڀل رسي، سائين تون نه رسجان.
133. جو ھوڏ پنھنجي ھلندو سو سور وڏائي سھندو.
134. جتي لوڀي ھجن، اتي ٺوڳي بک نه مرن.
135. جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام.
136. جاڙي به جڳ سنئين.
137. جھڙا ڪانگ، تھڙا ٻچا.
138. جھڙ وديس، تھڙو ويس.
139. جنھن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو لھندي ڇا ڪندو؟
140. جھڙو ان، تھڙو من.
141. جيءُ خوش، جھان خوش.
142. جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
143. جان بچي تو لاکون پايا.
144. جي ٿو ڪڇان ته پٽجن ٿيون مڇان، جي ٿو ڪريان ماٺ ته پوان ٿو ڪاٺ.
145. جتي باھ لڳندي، اتيئي سيڪ ايندو.
146. جڏھن عقل ٿي ورھايو، تڏھن اوھان جھليا پرڻ.
147. جھڙي ڇالي تھڙي پني، ھن لاھي ھن کي ڏني.
148. جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.
149. جيڪي ڪري گيھ، سو نه ڪري ماءُ پيءُ.
150. جھڙو ٻج، تھڙو سلو.
151. جڏھين ڪڏھين سنڌڙي تو کي قنڌاران جوکو.
152. جني تو ئي تات، تن پڻ آھي تنھنجي.
153. جتي پاڻي، تتي پاڻ.
154. جنڊ ۾ ٻڪي؛ گھوٽ-ماءُ ڍڪي.
155. جنڊ کڻ ته جنڊ ڳؤرو، پڙ کڻ ته پڙ ڳؤرو.
156. جڏھن ٻورا ٿي سبيا، تڏھن گڏھن ٿي رنو.
157. جتي پڄڻ نه آھي ڪم، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
158. جھڙي ٻني تھڙو ٻج، ان جي سلي کان به ڊڄ.
159. جيسين ساھ سرير ۾ تيسين ڪر ڀلو.
160. جو سک گھر دواري، سو سک بلخ نه بخاري.
161. جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام.
162. جڙيءَ کي جس آھي.
163. جيڏي سوڙ، تيڏو سيءُ.
164. جواريءَ جي جوءِ؛ کن ۾ کلي، منٽ ۾ ميڪي، جي مڙسس اچي کٽي، ڏند ويٺي ڇيڪي، جي مڙسس اچي ھارائي، پار ڪڍي پٽي پيڪي.
165. جنھن جو رب، تنھن جو سڀ. جسڪي لاٺي، اس ڪي ڀينس.
166. ڄٽئون (سنڌ ۾ مسلمانن لاءِ اکر) نه وسھون (اعتبار ڪرڻ)، وسھون ته مسھون (نقصان پائڻ)
167. ڄڀ لاھي کڻي ڪلھي تي رکي اٿس.
168. ڄمندي ئي ڄام ھو (ھوشيار).
169. ڄٽ (ھندن جو مسلمانڪو اکر)، ڦٽ، ٽٽ ٻڌا ڀلا آھن.
170. ڄٽ پڙھيو، الله اڙيو.
171. ڄٽن رکيا روزا ته ڏينھن به ٿيا وڏا.
172. چٽي چنيجن جي، وڃي پرڻ تي پيئي. (سنڌ جي ساھتيءَ جا ٻه ڳوٺ).
173. چڱائيءَ کي چار، ڳڻي ھڻجن موچڙا.
174. چمڙي وڃي پر دمڙي (اڌ پائيءَ کان به ننڍو سڪو) نه وڃي.
175. چريءَ کي چوڙو، ڪڏھن ڄنگھ ۾ ڪڏھن ٻانھن ۾.
176. چريءَ کي ڄائو پٽ، چمي چٽي ماري وڌائينس.
177. چڱن مان چڱائي ٿيندي آھي.
178. چريا ڏيئي چار، واڇان وٺجي ھڪڙي.
179. چار دنون ڪي چاندني ڦير انڌيري رات.
180. چرئي کي ڇيڙيو آ چئن گارين لاءِ.
181. چرين ڪھڙا چت، مئن ڪھڙا معاملا.
182. چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي.
183. چنڊو چنڊي کي سؤ ڪوھ تي ڳولھي لھندو آھي.
184. خوشيءَ جھڙي خوراڪ ڪانھي، ڳڻتيءَ جھڙو مرض ڪونھي.
185. خان جي گھوڙي وانگر وڃي ٿو ڳرندو. (خان پڇيو نوڪر کان؛ ابا گھوڙي کي گاھ ڏنئه؟ جواب مليس؛ ھا. ابا گھوڙي کي پاڻي ڏنو اٿيئي؟ ته به جواب مليس؛ ھا سائين. ھوڏانھن ملندس ڪجھ ڪو نه ۽ خان جو گھوڙو ويندو ڏٻرو ٿيندو.)
186. خون ۽ کستوري، ڳجھا ڪين رھن. (کستوري= اوچي خوشبوءِ).
187. خالي گھڙو، وڄي گھڻو.
188. دان ڪجي ساڄي ھٿ سان جيئن کاٻي ھٿ کي به خبر نه پوي.)
189. ديس چوري، پرديس بکيا.
190. دوڌ ڪا دوڌ، پاني ڪا پاني. (سچ ظاھر ٿي بيھڻ)
191. دعا، سڪا وڻ ساوا ڪري.
192. دنيا؛ ھڪ مسافرخانو آ.
193. دنيا، جنھن کي چئجي ٿو، سا پاڻ مسافرخانو آھي.
194. دنيا دو رنگي آھي.
195. دل کوٽي، عذر گھڻا.
196. دال آھي ٻچن پال.
197. دير پيا درست ٿيا.
198. ڏاھو ڪانءُ ٻه-ٽنگو ڦاسي.
199. ڏيڻ ۽ ڏيھ ڇڏڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي.
200. ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ريءَ.