لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پهاڪن جي سوغات“ اوهان اڳيان پيش آهي. پهاڪن کي گڏ ڪندڙ ”چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي“ آهي.
ھيءُ ڪتاب، ۱۹۸۳ع ڌاري انڊيا ۾ ڇپيو. جيڪو ھت اڻ لڀ ھيو. ان جو ھڪڙو ڇاپي نسخو، ھن وقت قاسميه لائبرري ڪنڊيارو ۾ موجود آھي. سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن کان ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي سائين انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب کي موصول ٿي آھي، جنهن ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ پڻ موڪلي آهي.
Title Cover of book سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات

301 کان 400

301. ڪک جو چور سو لک جو چور.
302. ڪي مون نه وڻن، ڪن مان نه وڻان.
303. ڪانوَ کي آنورا ھجن ھا ته اڏامندي ڏسجن ھا.
304. ڪپاتر پٽ کان سپاتر ڌيءَ ڀلي.
305. ڪنڀر جي گھر ۾ ٻٽا (ڪنن ڀڳل) ڪُنان.
306. ڪن سان ڪن ڪو نه مئبو.
307. ڪني آڱر وڍي ڀلي آ.
308. ڪوڙي جي پاڙ ٺڪريءَ تي.
309. ڪوڙي جي ڊوڙ، کڏ تاءِ.
310. ڪوڙ ته ڪھڙو صرفو؟
311. ڪرسيءَ کي سلام آ.
312. ڪاوڙ ٻه-منھين ترار آ.
313. ڪرامت؛ قھر جو گھر آ.
314. ڪني سارو (ديڳڙي ۾ رڌل) پاٽ ۾ پوندو.
315. ڪانوَ کي لڙ ۾ مزو.
316. ڪم نه ھجي ته وڃ رائي (ننڍي راجا جي) گھر.
317. ڪنو ديڳڙي کي لڳي ته به ڪنو مٺو، ديڳڙو ڪني کي لڳي ته به ڪنو مٺو. (ضعيف پارٽي ٻنھي پاسي مٺي)
318. ڪاٽجي نه، پر نانگ واري ڦوڪ نه ڇڏجي.
319. ڪر ڀلائي ڄٽ سان ته فيري ھڻيئي پٽ سان.
320. ڪنھن پٽي پاراتو ڏنو اٿس.
321. ڪنھن سان به پير ڀرجي، اجايو ڪو نه ويندو.
322. ڪمائي نه ڪوڏي، خرچڻ لاءِ کڙي آ.
323. ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
324. ڪتو به ڪڙم ۾ سونھندو آ.
325. گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا.
326. گند سان گند ڪو نه مئبو آ.
327. گپ ۾ گھڙبو ته ڦينگن ڀر ڪو نه ڊڄبو.
328. گھپي ٺڪرن جو پاڻي به سڪائي ڇڏيندي آھي.
329. ليٽي پيٽي پنھنجي ذات ڏيکاريائين.
330. لھڻي وارو موٽي وڃي، ساعت وارو کائي وڃي.
331. لالچ بري بلا آ.
332. لڳو واءُ، ويو ساھ.
333. لھڻي-خور جو کائجي، مھڻي-خور جو نه کائجي.
334. ڳڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
335. ڳوھ کي کٽي کڻي ته ڳولھي شڪارين جا گھر.
336. ڳڻ-چور نه ٿجي.
337. ڳڙ ڳڙڌاڻيون، پٽنس نياڻيون.
338. گھر ٻاري ڏياري ڪو نه ڪبي آ.
339. گھر جي ڪل ڪل ساوا وڻ به سڪا ڪري.
340. گھڻين زالين گھر نه ھلي، گھڻين مڙسين ھر نه ھلي.
341. گھر جو پير، چلھ جو مارنگ.
342. گھوٽ ڪنوار راضي، ته ڪيا ڪرينگا قاضي.
343. گھڙيءَ جي سک لاءِ به ماڻھن مکڻ جي ماڙي جوڙائي آ.
344. ھئي اڳيئي نچڻي، ويتر پاتائين گھنگھرو.
345. ھڪ پٽي، سؤ لٽي. (ھڪ لٽي، سؤ پٽي).
346. ھڙون ڏيئي ھڻاءِ (ڪارج ڪر) ته مالڪ ڏيئي مجرا.
347. ھٽ کٽائي، ٿيو حلوو کائڻو.
348. ھٿ لائينس ته ھٿ ڪارو، پير لائينس ته پير ڪارو.
349. ھندو آھي ھوند سان.
350. ھڙ به گاشو، لوڪ تماشو.
351. ھنگڻ ٿورو ڦڙ ڦڙ گھڻي (ڪم ٿورو پر ڳالھائڻ گھڻو)
352. ھي به جو ڪو ٻوٽو ٻاري. (جي پيرن ڀر بيھي).
353. ھنر واري جو ھنر، بي ھنرئي جي جند.
354. ھڪ اڻ ھوند، ٻيو افعال بڇڙا.
355. ھن گھر جا ڀاتي جوئارو اٽو آھن. (ٻڌيءَ ۾ نه آھن).
356. ھي منھنجو لنگوٽيو يار آھي.
357. ھوند مان نه ڪري ان کي به لعنت، جيڪو اڻ ھوند مان به ڪري ان کي به لک لعنت.
358. ھمٿي مڙدان، مددي خدا.
359. ھي ھر ديگي چمچو آھي. (سڀ سان پورو).
360. ھٺ نه ڪجي ھيترو، ھٺ وڃايا وير.
361. ھيءَ دنيا جنھن کي چئجي ٿو سا پاڻ مسافرخانو آ.
362. ھٿ ۾ ڇري ڪڇ ۾ قران.
363. ھٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪھڙي ضرورت.
364. ھي ڪنھن جي وڍيءَ تي به مٽڻ وارو ڪو نه آھي. (ڪنھن جي ڪم نه اچڻ وارو).
365. ھڙ حرام، بجڪو حلال.
366. ھو مَ-ڏيئو، ھي مَ-ڇڏو.
367. ھل چريا، مست ٿا اچني.
368. ھر ڪو ھلندو پوءِ ڪو اڳي ڪو پوءِ.
369. ھوائي قلعا پيو بڻائين.
370. قرض آھي مرض.
371. مالڪ وتن ٻيڙيءَ چڙھندا شاھد پيا غوطا کانئين.
372. مولى مينھن وساءِ ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان.
373. مستن تي ناھ ميار يار، مستن جي آ دنيا ڌار.
374. ماڻھو بکيو آ مان جو، نه نان جو.
375. مرسان مرسان ڊڀ نه چرسان.
376. مال پراڻو ڊرا (زور) شاھي.
377. منھن ڪؤنئري ڳٽا پٽائي.
378. مينھن چوي ٿي گانءِ کي ھل ڙي پڇ ڪاري.
379. مولا! مت جو موڙھو، ڳنڍ جو ڳوڙھو گراھڪ ملائج.
380. مروان موت، ملوڪان شڪار.
381. ماڻھو مڙيئي نه سھڻا، پکي مڙيئي نه ھنج، ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ اچي بوءِ بھار جي.
382. ماڻھو ڪڏھن ڀريءَ ۾ ته ڪڏھن ڀاڪر ۾.
383. منھنجو ڇا وڃي، ڊول يا چمٽو.
384. مون ڪو ڄڻيو ھو، اڀ مان جھٽيو ھو.
385. مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ.
386. مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجھو آھي.
387. ملان چور، ٻانگو شاھد.
388. مکڻ مان وار ڪڍڻ.
389. مٺڙا! گھر ته گھرانءِ.
390. ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
391. مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو.
392. مان نه مان، مئن تيرا مھمان.
393. منڊن جي ملڪ ۾ وڃجي ته ھڪ ٽنگ کڻي لڪائجي.
394. مڙد جي کٽي ته زال جي کپي سھيڙ.
395. مٺ ڀيڙيائي ڀلي، کلي ٿئي واءُ.
396. مھانگو روئي ايڪ بار، سستو روئي بار بار.
397. مڙد مري ايڪ بار، ڪانئر مري بار بار.
398. نه ڪنھنجي کٿي کي ھٿ لائجي، نه پنھنجو پٽ ڦاڙائجي.
399. نيم نان، صحت جان.
400. نيم طبيب خطري جان، نيم ملان خطري ايمان.