سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو مختصر تعارف
ورهاڱي بعد سنڌ مان سنڌي هندن لڏ پلاڻ ڪئي، نتيجي طور مڊل ڪلاس، وڏي تعداد ۾ واپاري، استاد، تعليميدان، هنر مند هندستان لڏي هليا ويا، ۽ خيراتي ڪمن جو تصور گهٽجي ويو وڏن شهرن سکر، حيدرآباد ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي لڏي آيل پناهگير آباد ٿيندا ويا واپار ۽ مارڪيٽ تي قبضو ٿيندو ويو، سنڌي ماڻهو جاگيرداري ڪلاس مان نڪري نه سگهيو.
سرڪاري سطح تي ضلعي عملدارن ڊپٽي ڪليڪٽرن وٽ ريڊڪراس ۽ هلال احمر جهڙا سرڪاري پرستي هيٺ هلندڙ فلاحي ڪمن ڪارين ذريعي ٿيندا هئا.
سنڌ ورهاڱي بعد جلد ئي ون يونٽ ۾ جڪڙجي وئي ۽ سنڌ جي پڙهيل لکيل، اديبن، شاعرن، استادن قلم ڪارن، پورهيتن هڪ وڏي تحريڪ هلائي ته جيئن ون يونٽ جو خاتمو ٿئي، شاگردن ۽ اديبن ۾ قومي تحريڪ جو اُڀار پيدا ٿيو ۽ ون يونٽ خلاف هڪ مزاحمتي ڀرپور تحريڪ جنم ورتو، سنڌ ڀڙڪي اٿي.
سنڌي سوڀارا ٿيا، ون يونٽ جو خاتمو ٿيو. سنڌ جا ڪيترائي آفيسر، فني ماهر ۽ ٻيو سرڪاري ملازم عملو لاهور ڇڏي ڪراچي پهتا، جن جي رهائش ٻارڙن جي تعليم ۽ سماجي ميل ميلاپ جا ڪيترائي مسئلا هئا، ، ان وقت اها ضرورت هئي ته سنڌي پڙهيل طبقي جي هڪ سماجي جماعت ٺاهي وڃي، جيڪا پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجا مسئلا حل ڪري سگهي ۽ جتي حڪومت جي مدد درڪار هجي اتي حڪومت سان لهه وچڙ ۾ اچي مسئلن جو سائنسي حل ڳوليو وڃي انهن مسئلن ۾ به سڀ کان اهم مسئلو نوڪري پيشه سنڌي ماڻهن جي اولاد جي تعليم هو ڇاڪاڻ ته انگريزي ۽ اردو ميڊيم اسڪول ۾ وڃڻ سبب سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ روايتن سان ايندڙ نسل جي لاتعلقي ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هڪ خال پڻ پيدا ٿي رهيو هو.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو پايو وجهڻ لاءِ 22 فيبروري 1971ع ڌاري ڪيفي نيويارڪ صدر ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشيرالحيدري، مراد علي جوڻيجو ۽ مورو شهر سان تعلق رکندڙ سائين بخش عباسي گڏيا.
ان بعد 6 اپريل 1971ع ڌاري ڪيفي نيويارڪ صدر ڪراچيءَ ۾ هڪ وڳي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ هي ڪم ڪار هڪ سال تائين متاثر رهيو ملڪ اندر عام چونڊون ٿيون جنگ لڳي اوڀر پاڪستان الڳ ٿي بنگلاديش ٿيو ۽ سنڌ ۾ ٻوليءَ جا فساد ٿيا پر ڪوششون جاري رهيون. 4 جون 1972ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ مختيار مغل جي جڳھ تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي پهرين ساليانيون چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
صدر محمد بلال سيال، نائب صدر شمشير الحيدري، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري سائين بخش عباسي، مالي سيڪريٽري بخش علي لاکو، انفرميشن سيڪريٽري محمد صالح شيخ هئا 29 سيپٽمبر 1972ع تي سگا جماعت کي 1860ع جي ايڪيهين ايڪٽ تحت رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز وٽ رجسٽر ڪرايو ويو.
هنن ڳالهين تي سگا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ طئي ڪيو ويو.:
1. سنڌ جي نجات جو واحد وسيلو تعليم آهي.
2. ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا نه ٿيندو، ايستائين پنهنجا سياسي مقصد به نه سمجهي سگهندا.
3. تعليم يافته ۽ پڙهيل لکيل گريجوئيٽ هن ايسوسيئيشن جا ميمبر ٿيندا.
4. تعليم جي انهيءَ معيار ۾ ڊاڪٽر، وڪيل پروفيسر، اديب، شاعر آهن. پئسو، سماجي حيثيت اثر رسوخ، ذهني علمي صلاحيتون يڪجا ٿيڻ سان هڪ اهڙي سماجي تحريڪ هلائي سگهجي ٿي جو پڙهيلن وسيلي اڻپڙهيلن جي خدمت ڪري سگهجي.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي تائين محدود هوندي هئي ۽ اتان جي سماجي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندي رهي. 14 جولاءِ 1974ع تي، سگا جون سنڌ اندر شاخون قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ آئين ۾ ترميم ۽ ڦير ڦار لاءِ هڪ ٺهراءِ پاس ڪيو ويو ته جيئن ڪراچي ائين سنڌ جي ٻين شهرن جي گريجوئيٽس درميان لاڳاپا شروع ڪري سگهجن. آئين ۾ ضروري ترميم ڪرڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين حيدرآباد شاخ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. مورو لاءِ محمد خان سومري کي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو هي ليٽر 21 مارچ 1976ع تي سگا PECHS سوسائٽي ڪراچي آفيس مان ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي صحيح سان جاري ٿيو، جنهن ۾ مورو شاخ کي رجسٽرڊ ڪوڊ نمبر 05 جاري ڪيو ويو.
21 اپريل 1976ع تي ليٽر نمبر SGA/1/76 سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو جي جنرل سيڪريٽري محمد خان سومرو طرفان مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڏانهن ڏياري موڪليو ويو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته مورو شاخ سگا جي عهديدارن جي چونڊ 28 مارچ 1976ع آچر ڏينهن ٽائون هال مورو ۾ ٿي گذري جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا آهن.
صدر: محمد ايوب وينجهر، نائب صدر: محمد اسحاق چنه، جنرل سيڪريٽري: محمد خان سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري: نذير احمد قاضي، خزانچي: رحيم بخش ميمڻ، اطلاعات سيڪريٽري: عظيم سنڌي، ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي: صلاح الدين پنهور، گل حسن ڪانڌڙو، شفيع محمد ميڻ غلام رسول سرهيو، عبدالقادر ابڙو،
11 اپريل 1976ع آچر ڏينهن صبح جو سگا مرڪز جو وفد ايسوسيئيشن جي شاخ مورو جو افتتاح ڪيو جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي جي صدارت ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ڪئي ۽ خاص مهمان مورو جي شهيد عبدالرزاق سومري جو والد سائين محمد سليمان سومرو هو، هن موقعي تي ڊاڪٽر شريف ميمڻ پڻ آيل هو، سگا شاخ مورو جي پهرين باڊيءَ تي اها ذميواري رکي وئي ته عام ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن بابت شعور پيدا ڪري ۽ سماجي ڪمن جي اهميت پيدا ڪرڻ هئي ان وقت سگا طرفان شهر مورو ۾ سماجي ڪمن جي شروعات ڪئي وئي.
1978ع ڌاري سگا شاخ مورو طرفان مختلف سرڪاري اسڪولن جي پرائمري اسڪولن ۾ 10 عدد پنکا ڏنا ويا. 15 عدد واٽر ڪولر فراهم ڪيا ويا ۽ 6 عدد پاڻي لاءِ سيمينٽ جون ٽانڪيون ٺهرائي ڏنيون ويون اکين جي بيمارين جي ڪئمپ لڳرائي وئي ۽ 35 نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏياريون ويون هن ئي سال کي سگا طرفان سڄي سنڌ ۾ “لطيف سال” قرار ڏئي ملهايو ويو ۽ سڄي سنڌ ۾ عام موڪل جو پڻ مطالبو ڪيو. 1979ع ۾ ضلعي نوابشاھ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي سگا شاخ مورو ۾ ٿي. 1980ع ۾ ٻارڙن کي قرآن شريف جي درس ڏيڻ لاءِ سينٽر کوليو ويو هن ئي سال کي ٻارن جو تعليمي سال ڪري ملهايو ويو ۽ 16 نومبر 1979ع پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ “ڪل سنڌ ٻالڪ ميلو” لڳايو ويو اسڪول شادي خان ڍلو ۾ ٻه ڪمرا تعمير ڪرايا ويا.
1980ع کي صحت جو سال ڪري ملهايو ويو مورو شاخ ۾ پڻ ڊرگ بئنڪ قائم ڪئي وئي جنهن ۾ ضرورتمندن، غريبن ۽ بيمارن کي دوائون فراهم ڪيون ويون.
1982ع ڌاري شاخ طرفان مضمون نويسي جو مقابلو بعنوان ”قومن جو عروج ڪردار جي تعمير سان آهي“ منعقد ڪيو ويو ان سان گڏ تقريري مقابلو” مار ٻار جي سنوار آهي ٿي گذريو.
1982ع ڌاري دادو، مورو پل ٺهڻ جي خوشيءَ ۾ سگا شاخ مورو ۽ سگا شاخ دادو طرفان پل تي هڪ پروگرام، ”ڳانڍاپو“ ٿي گذريو جنهن ۾ استاد بخاري پڻ شريڪ ٿيو مورو شاخ سگا جا عهديدار ۽ ميمبر ۽ دادو شاخ سگا جا عهديدار ۽ ميمبر دادو مورو پل تي گڏيا، هڪٻئي کي هار پاتا ۽ ڀاڪر پائي مليا، جيئن استاد بخاريءَ جو هڪ شعر پڻ آهي ته:
ٽٽي پوندي استاد دادو جي دلڙي،
بخاري کان مورو، متان موڪلائي.
هن سال 1982ع کي سگا مرڪز طرفان ”ڳوٺ سڌار سنگت“ طور سڄي سنڌ ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو.
1983ع ڌاري سگا شاخ مورو جي ميزباني هيٺ ستون ساليانو ڪنوينشن مهراڻ ڪاليج مورو هاسٽل موجوده بحريه فائونڊيشن ڪاليج ۾ ملهائڻ جو اهتمام ڪيو ويو 15 ۽ 16 اپريل تي هي پروگرام منعقد ڪيو ويو.
سنڌ جي مختلف شهرن مان سگا شاخن جا عهديدار، ميمبر ۽ اديبن جي ڀرپور شرڪت رهي هاسٽل گرائونڊ جي ٻاهرين روڊ واري ديوار تي مختلف رنگن جا جهنڊا لڳل هئا، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته ڪا بين الاقوامي ڪانفرنس آهي برسات سبب پنڊال ڪري پيو پر بعد ۾ ان کي وري کوڙيو ويو. سگا ساٿين سان گڏ مورو جي شهرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اندازي موجب 300 کن ماڻهن شرڪت ڪئي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن ڪاروائي هلائي جڏهن ته صدارت چيئرمين سگا ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ڪئي. ۽ ساڻس گڏ اسٽيج تي شاخ جي جنرل سيڪريٽري قاضي نذير کي پڻ ويهاريو ويو تلاوت ڪلام مولانا عزيزالله ٻوهيو ڪئي جڏهن ته ڊاڪٽر ادل سومري شاھ جا شعر پڙهيا ننڍڙن ٻارڙن هڪ گيت جو منظر پيش ڪيو.
سگا شاخ مورو اپريل 1983ع ڪنوينشن ۾ ڪجھ ٺهراءَ پاس ڪيا جيڪو ڊرافٽ برانچ جنرل سيڪريٽري قاضي نذير تيار ڪيو هو. ڪالا باغ ڊيم خلاف ٺهراءُ پڻ پيش ڪيو ويو.
ملڪ ۾ مارشلا نافد هئي، جنرل ضيا ملڪ جو صدر هو هڪ اردو اخبار ۾ سگا خلاف خبر هلائي وئي ۽ جلد ئي حڪومت سگا تي بندش هنئي ته ڪو به سرڪاري ملازم هن جماعت جو ميمبر نه هوندو نتيجي طور ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، ليڪچرار، استاد ۽ ٻيا سرڪاري ملازم سگا کي ڇڏي ويا، ۽ اهڙو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ بعد مختيار ڪار مورو کان تصديق ڪرائڻ بعد پنهنجن کاتن ۾ جمع ڪرايا ته سندن سگا سان ڪوبه تعلق نه آهي هن صورتحال ۾ سگا کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.
1983ع ۽ 1986ع دوران ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌ اندر قتل و غارت ٿي 1988ع ۾ پ پ پ اقتدار ۾ آئي ۽ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم بڻي ته سگا تان بندش سرڪار طرفان ختم ڪئي وئي ۽ سرڪاري ملازمن کي سگا ميمبر ٿيڻ جي اجازت ملي.
مورو شاخ اهڙي اعلان بعد سگا سرڪاري ملازمن کي ٻيهر ميمبر شپ ڏني ۽ سال 1989ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ سگا طرفان سچل ڪانگريس ملهائي وئي هند ۽ سنڌ جي اديبن شرڪت ڪئي ۽ وفد مورو ۾ پڻ گهمڻ آيو.