مهاڳ
برصغير تي انگريزن جي قبضي واري دور ۾ قبضي هيٺ آيل خطي جو هر ماڻهو پاڻ کي انگريز جي ويجهو ڏسڻ يا ٻاهرين حملي آورن سان پنهنجو حسب نسب ملائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. خاص ڪري مٿيون طبقو هندو برهمڻ، مسلمان جاگيردار ۽ قبائلي سردار انگريزن کان رعايتون حاصل ڪرڻ ۽ سندن خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن هر ڳالهه، قول ۽ فعل تي عمل ڪرڻ پنهنجي ايمان جو حصو سمجهندا هئا. اها غلامانه ذهنيت فقط انگريزن جي قبضي واري دور ۾ پئدا نه ٿي هئي، پر ان کان اڳ به جڏهن عربن سنڌ تي حملو ڪيو ته هتان جي مقبوضا ماڻهن ۽ خاص ڪري مٿئين طبقي رعايتون حاصل ڪرڻ ۽ اقتدار جي اڇليل هڏي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي عربن جي تابعدار قرار ڏيڻ لاءِ مختلف قسم جا حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. مٿئين طبقي جا خاندان رات پيٽ ۾ پنهنجو حسب نسب عربن سان ملائڻ لاءِ پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ ختم ڪري پاڻ کي سيد، قريشي، دائود پوٽا، عباسي وغيره سڏائڻ لڳا. ان ڪري انگريزن جڏهن هن خطي جي ماڻهن کي ذهني طور غلام بڻائڻ لاءِ يورپي نسل جي سفيد فام آرين جي حملي واري ٿيوري گهڙي ته کين اها ٿيوري هتان جي غلام ماڻهن کان تسليم ڪرائڻ ۾ ڪابه تڪليف درپيش نه آئي. اسڪولن ۾ جوڙيل نصاب ذريعي ان ٿيوري کي معصوم ٻارن جي ڪچڙن ذهنن ۾ داخل ڪري، هڪ اهڙو نسل تيار ڪيو ويو، جيڪو مالڪ کان وڌيڪ مالڪ جو وفادار ٿي بيٺو. ان نسل جي ذهني طور اهڙي پرورش ڪئي وئي، جو هنن جي ذهن ۾ اها ڳالهه پختي ٿي ويٺي ته انگريز برصغير جي مقامي ماڻهن کان وڌيڪ ڏاهو، تعليم يافته، هوشيار ۽ جديد علمن هجڻ سبب سڀ هر شيءَ جي ڄاڻ رکندڙ آهي. ان ڪري سندن ڪوبه خيال، نظريو يا راءِ غلط ٿي نه ٿي سگهي.
بيٺڪي دور جي حڪمرانن سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي يورپ کان آيل آرين جي حملي ۽ قبضي وارو مفروضو جوڙي هڪ طرف اتر هندستان جي ماڻهن کي اهو باور ڪرايو ته اوهان ڪي الڳ نه پر اسان جي ئي اعلى نسل آرين مان آهيو، ان ڪري اوهان اسان جا غلام نه پر ماضيءَ جا عزيز ۽ رشتيدار آهيو. جڏهن ته ڏکڻ هندستان جي دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي سنڌو تهذيب جو وارث قرار ڏئي، ان خوش فهمي ۾ مبتلا ڪيو ويو ته اوهان اتر هندستان وارن کان الڳ نسل جا ۽ هن ديس جا اصل ڌڻي ۽ سنڌو سڀيتا جا وارث آهيو.
برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. سندن ان ٿيوري جو ڪيتو اڄ تائين برصغير سنڌ هند جا ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن. اڄ به برصغير جا ماڻهو انگريزن جي ان سازشي ۽ ڪوڙي ٿيوري ۾ يقين رکن ٿا.
آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. آئون هن ڪتاب ۾ ڏنل نتيجن کي حرف آخر نه ٿو سمجهان. جيڪڏهن ايندڙ وقت ۾ جديد سائنسي تحقيق جي روشني ۾ نيون ثابتيون ملن ٿيون ته هن ڪتاب ۾ ڏنل نتيجا ڪي حرف آخر نه سمجهڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته سائنس جو اسان جي عقيدن، نظرين، سوچ ۽ دعوائن سان ڪو به تعلق ناهي.
رڪ سنڌي
14 جولاءِ 2019ع