سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

برطانوي تاريخدانن ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن هڪ گهري سازش ۽ حڪمت عملي هيٺ برصغير تي آرين جي حملي جو تصور آڏو آندو. جيئن هن خطي ۾ سندن بيٺڪي مفاد سلامت رهي سگهن. آرين جي حملي واري بي بنياد ٿيوري اڄ به برصغير جي ماڻهن وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ ٻولي جي بنياد تي تضادن جو سبب بڻيل آهي. ان ئي ٿيوري جي بنياد تي انگريزن اتر ۽ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن وچ ۾ دراوڙ ۽ آريا جي نسلي بنيادن تي تضاد کي هٿي ڏني ۽ کين هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو. هن ڪتاب ۾ برصغير تي برطانوي قبضي دوران سنڌو ماٿري تي نام نهاد آرين جي حملي واري مفروضي کي سائنسي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ آرڪيالاجي، اينٿروپلاجي ۽ جينيٽڪس بنيادن تي تحقيق دوران نتيجن کي آڏو رکي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3313
  • 688
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو

رڪ سنڌي جو تعارف

سنڌ سان تعلق رکندڙ اديب، محقق ۽ تاريخدان رڪ سنڌي (اصل نالو غلام اصغر منگي) 5 آگسٽ 1961ع تي تعلقي ڪنڊياري ضلع نواب شاهه جي ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. پاڻ روزاني سنڌ سجاڳ جي ايڊيٽر ۽ روزاني جاڳو ڪراچي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ مختلف صحافتي تنظيمن ۾ شامل رهيو آهي.
رڪ سنڌي گذريل 30 سالن کان ادب، سياست ۽ صحافت سان لاڳاپيل هجڻ سميت ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو آهي. جن ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. جڏهن ته سندس سوين مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. رڪ سنڌي جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ “قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي”، “ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو”، “سنڌي قوم جو مقدمو”، “سنڌ جي سياسي صورتحال”، “تاريخ جي لاٽ”، “قاضي فيض محمد”، “سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد”، “اڄ جي سنڌ”، “سنڌو سڀيتا جي اوسر”، “سنڌو سڀيتا جا محقق” ۽ “سنڌو سڀيتا: آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو” ڪتاب ڳڻائي سگهجن ٿا.
رڪ سنڌي ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن. جن ۾ بينظير ڀٽو جو ڪتاب “پاڪستان طوفان جي گهيري ۾” به هڪ آهي. جڏهن ته ڪيئي ڪتاب مرتب به ڪيا آهن. جن ۾ “باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي”، “سنڌي ٻولي رت رتولي” ۽ ٻيا شامل آهن.