گلاب لغاري جا لوهاڻا
گلاب لغاري جي لوهاڻن جي ڪهڙي ڳالھـ ڪجي. تقريبن ڳوٺ ۾ سنڌي سان گڏ سرائڪي بـ ڳالهائي وڃي ٿي.اسان جي ڳوٺ جو ديوان سرائڪي ويٺو ڳالهائيندو تـ خبر نـ پوندي تـ هندو آهي يا ڪو ٻروچ ويٺو ڳالهائي. مهل ۽ موقعي جا مڙس ماڻهو، آئي ويل ڪم اچڻ وارا. آڌيءَ رات جو وڃي گهر تي سڏ ڪبو تـ همراھ گهر مان نڪتو ايندو، اهو نـ ڏسندو تـ ڪير ٿو سڏي، دوا درمل انهيءَ مهل مفت ۾ ڏيندو ان کان پوءِ ڏينهن جو دڪان تي چڙهي آيو تـ اڳيان پويان سڀ حساب ڪتاب چڪتو ڪبا. عاشوري جي ڏينهن ۾ گلاب لغاري جي لوهاڻن طرفان ڀت جون ديڳون لهي وينديون، مٺي پاڻي جون سبيلون لڳي وينديون. بسون روڪرائي هر ايندڙ، ويندڙ کي ننگر پاڻي ڪرائي سبيل پياري پوءِ بس کي روانو ڪبو. ڪجهـ سال اڳ مسلمانن طرفان پڻ ائين ڪيو ويندو هو پر جڏهن کان مذهب جو جوش ۽ جذبو وڌڻ لڳو آهي، تڏهن کان اسان جي پاسي جي مسلمانن اهو ڪم ڇڏي ڏنو آهي. اهو چئي تـ اسان سُني آهيون، اهو ڪم اهل تشيع وارن جو آهي ۽ اسان بهشت، دوزخ جي چڪر ۾ پئجي ويا آهيون. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان هڪ اهڙي نسل جي آبياري ڪرڻ شروع ڪئي، جيڪو ذهني اپاهج ٿي ويو. ڳالهـ وڃي مرڻ مارڻ ۽ خود ڪش حملي آورن تي پهتي آهي. انهي تعليم 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻار تي اهڙو تـ اثرڪري ڇڏيو آهي، جو هو پنهنجي حياتيءَ جي پرواهـ نـ ٿو ڪري. پاڻ تـ بغير روڪ ٽوڪ جي وڃو بهشت ۾ حورن حوالي ٿئي، پر پٺيان بم جو ڌماڪو ڪري وڏي انگ ۾ ماڻهن کان وقت کان اڳ سندن جون زندگيون کسي ٿو وٺي ۽ پويان انهن جي خاندانن کي جيئري دوزخ ۾ وجهيو وڃي.
منهنجو تعلق شروع کان وٺي غريب خاندان سان رهيو آهي. بابا سائين جو نالو مظهر علي خان هوندو هو، عُرف عام ۾ کيس مزار خان سڏيو ۽ سڃاتو ويندو هو. ان بـ غربت واري زندگي گذاري، جيڪا هن کي اسان جي ڏاڏي کان ورثي ۾ ملي هئي. منهنجو ڏاڏو حاجي محمد بخش، جنهن کي قاضي ڪري سڏيندا هئا انگريزن جي زماني جو پڙهيل، لکيل، چالاڪ ۽ سيلاني طبعيت جو مالڪ هوندو هو، ڍنڍ جي پکي وانگر ڪڏهن ڪٿي تـ ڪڏهن ڪٿي. اهڙن ماڻهن جي واقفيت تمام گهڻن ۽ وڏن ماڻهن سان هوندي آهي. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ سيد ميران محمد شاھ ٽکڙ وارو سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر هوندو هو تـ مون وارو ڏاڏو قاضي محمد بخش ساڻس گڏ هوندو هو. سيد ميران محمد شاه کيس قاضيءَ ڪري سڏيندو هو. اها خبر نـ آهي تـ پاڻ ميران محمد شاھ وٽ منشي هو يا نوڪر. پر غالب گمان آهي تـ قاضي محمد بخش سندس خاص نوڪرن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. شاھ صاحب جتي بـ ويندو هو تـ قاضيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. پوءِ شملو هجي يا سيوهڻ قاضي صاحب گڏ. اهڙي طرح سيوهڻ جي هڪ دوري دوران محترم محبوب علي چنـا سان ملاقات ٿي، جنهن کي ٻنهي ڌرين توڙ تائين نڀايو. 10 ۽ 16 سالن جي ڄمار کان شروع ٿي ۽ ساھ جي آخري گهڙي تائين قائم رهي. چنـا صاحب جڏهن سيوهڻ کان نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهڻ آيو تـ منهنجي ڏاڏا سائين، (جيڪو 6 سال هُن کان ڄمار ۾ وڏو هو) اسڪول ۽ بورڊنگ جي خرچ توڙي آئي ويل مدد ڪندو رهندو هو، ڇو جو محبوب علي چنـا صاحب جو والد صاحب ٽپال کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. پوري پُني آمدني هئڻ ڪري پنهنجي پٽ جي پڙهائي جي خرچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن تنگي محسوس ڪندو هو. هونئن بـ سنڌ ۾ اها روايت رهي آهي تـ آئي ويل هڪ ٻئي جي مدد ئي ڪبي آهي. اها ورهاڱي کان اڳ جي ڳالهـ آهي. هڪ ٻئي جون شاديون بـ پاڻ ڪرايائون. محبوب علي چنـا صاحب سرڪاريءَ نوڪري ۾ داخل ٿيو ۽ وڏن وڏن عهدن تي پهتو پاڻ اڳتي هلي پروفيسر ٿيا ۽ سنڌ جي مختلف ڪاليجن جا پرنسيپال رهيا. جن ۾ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد، هالا ڪاليج ۽ جيڪب آباد ڪاليج وغيره شامل آهن. سندن آخري پوسٽنگ اسلام آباد رهي. اتان حج تي ويا ۽ مديني ۾ وفات ڪيائون. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف رهيا آهن.
محبوب علي چنـا صاحب هر سال جون، جولاءِ مهيني ۾ پندرهن ڏينهن جي لاءِ اسان جي ڳوٺ گلاب لغاري ۾ اچي رهندا هئا. اها Routien آخر تائين برقرار رکيائين. پاڻ جڏهن اسلام آباد نوڪريءَ سانگي هوندا هئا تڏهن بـ اهو سلسلو جاري رهيو، پوءِ ٿورن ڏينهن لاءِ پر دوست تان ڀيرو ضرور ڀڃبو هو. اها انهي زماني جي ڳالهـ آهي جڏهن پاڻ سچل سرمست آرٽ ڪاليج حيدرآباد جا پرنسيپال هوندا هئا. هي اهو زمانو هو جڏهن ڪنهن استاد کي باقي ضلعي جي عملدارن کان وڌيڪ عزت جي نگاهـ سان ڏٺو ويندو هو. اها 50 واري ڏهاڪي جي ڳالهـ آهي، هي جيڪي هاڻي روڊ رستا نظر اچن ٿا، اهي ان زماني ۾ ڪو نـ هوندا هئا. ٽپال وسيلي چنـا صاحب جي چٺي پهتي تـ جون جي فلاڻي تاريخ تي گلاب لغاري اچڻ گهري ٿو. جڏهن تـ ٽنڊو الهيار کان گلاب لغاري تائين سواري جو بندوبست ٽنڊو الهيار جي ميمڻ برادري ڪندي، جيڪي تقريبن چنـا صاحب جا ڪنهن نـ ڪنهن طرح شاگرد هوندا هئا. مقرر تاريخ تي محبوب علي چنا صاحب ريل رستي حيدرآباد کان ٽنڊي الهيار پهتا تـ اُتي جي ميمڻ برادري اڳي سندس آجيان لاءِ موجود هئي. جن ۾ شامل هئا، حاجي صادق ميمڻ، حاجي احمد ميمڻ ۽ حاجي يوسف ميمڻ چمبڙ وارو. اها تـ سڀ ڪنهن کي خبر هئي تـ چنـا صاحب کي اگهاماڻي يا گلاب لغاري وڃڻو آهي پر ڪنهن وٽ وڃڻو آهي اها ڪنهن کي بـ خبر ڪانـ هئي. خوش خير عافيت کان پوءِ کانئس پچيو ويو تـ گلاب لغاري ڪنهن جا مهمان ٿيندا. پاڻ جواب ڏنائون، “منهنجو هڪ سادو سٻاجهو لغاري غريب دوست آهي، جنهن جو نالو آهي “محمد بخش” انهي جا مهمان آهيون. منهنجي ڏاڏي کي تـ اتي ڪوئي نـ سڃاڻندو هو. سو ٽنڊي الهيار جا ميزبان لڳا هڪ ٻئي جي مُنهن ڏانهن ڏسڻ. تنهن تي هڪ چيو تـ “ ها آئون انهي ماڻهو کي سڃاڻان ٿو، اهو ڍڪ منشي آهي. ” تنهن تي انهن مان هڪ ماڻهو ڀڻڪو هنيو تـ “توهان ايڏا وڏا ماڻهو هڪ معمولي ماڻهو ڍڪ منشي وٽ ڪيئن ويندا. ” جيئن اهي لفظ چنـا صاحب جي ڪنن تي پيا تـ هو صاحب ڪاوڙجي پيو. “ چئي دوستيءَ ۾ ڪا ننڍ وڏائي ٿيندي آهي ڇا؟ دوستيءَ ۾ غريب غربو سڀ برابر هوندا آهن. آئون اوهان جي گاڏي استعمال نـ ڪندس. بس آئون واپس حيدرآباد ٿو وڃان. ” انهيءَ تي چنـا صاحب سخت ناراض ٿيا. ٽنڊي الهيار جي ميمڻ برادري وڏين منٿن ميڙن کان پوءِ چنـا صاحب کي راضي ڪري گاڏي ڏئي گلاب لغاري موڪليو سو ان زماني جا اهڙا ماڻهو هوندا هئا، جيڪي دوستي جي هڪ اکر تي بـ سودي بازي جي لاءِ تيار نـ هوندا هئا، جيئن تـ چنـا صاحب تقريبن پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ دوران تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو. تنهنڪري سڄي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ سندس ٿورا ڪي گهڻا شاگرد ضرور هوندا هئا. ان کان سواءِ سندس سنڌي ادب سان وڏو گهرو لڳ لاڳاپو هوندو هو. تنهنڪري ادب جي دنيا ۾ پڻ ڄاتو سڃاتو ويندو هو. آئون جڏهن 1976-77ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي ويس تـ اُتي ان جو پرنسيپال جنهن جو نالو عبدالرحيم چنـا صاحب هو ۽ هن جو تعلق نوشهري فيروز سان هوندو هو. مون کي خبر نـ آهي تـ هن صاحب کي ڪيئن خبر پئي، جنهن مون کي گهرايو ۽ پڇيائين تـ “ توهان جو محبوب علي چنـا صاحب سان تعلق آهي ” مون جواب ۾ صرف اهو چيو تـ “ هي جيڪو منهنجو نالو نظام الدين آهي، اهو بـ محبوب علي چنـا صاحب جو رکيل آهي. ” جنهن تي پرنسيپال عبدالرحيم چنا صاحب ڪرسي ڇڏي يڪدم اٿي بيهي رهيو ۽ چيائين تـ “ آئون سائين وٽ هالا ڪاليج ۾ پڙهيو هوس. ” مون ڏٺو تـ هڪ عظيم شخصيت ٻئي عظيم شخصيت کي عقيدت جا گل پيش ڪري رهي هئي. بس انهن ئي ڏينهن دوران آئون اڃان مٺياڻي ڪاليج ۾ پڙهندو ئي هوس تـ محبوب علي چنـا صاحب جو مديني ۾ انتقال ٿي ويو، تـ سائين عبدالرحيم چنـا صاحب ڪافي ڏک جو اظهار ڪيو هو.
هاڻي وري موٽون ٿا، مون واري ڏاڏي تي، جيڪو سيلاني طبعيت جو مالڪ هوندو هو، تنهنڪري سندس سُهري فيصلو ڪيو تـ ان کي سڱ نـ ڏينداسين انهي جي تصديق خود هُن پنهنجي ڊائري جي هڪ ورق ۾ ڪئي آهي . جنهنجو هڪ ورق اڳتي ايندو. اها خبر جڏهن اسان جي مائٽن کي پئي تـ هن کي ڳولڻ شروع ڪيائون، هن همراهـ جو ٺڪاڻو هجي تـ هن کي ڳولي هٿ ڪجي. ائين آڌي مانجهي اسان وارن مائٽن جي ڊوڙ هوندي هئي چنـا صاحب تي. انهي کي وڃي اها ماجرا ٻڌايائون. جنهن صاحب هن کي وڏي ڳولا کان پوءِ وڃي مٽيارين مان هٿ ڪيو.
گلاب لغاري جي پوسٽ آفيس پڻ قاضي محمد بخش 1943 ع ڌاري سائين ميران محمد شاھ کي چئي کولرائي هئي، جيڪا اڃا تائين هلي رهي آهي. پاڻ ان زماني ۾ سيلانيون ڇڏي ڳوٺ ۾ اچي ڪپڙي جو دڪان کوليو هئائين. محبوب علي چنــا صاحب سان ملاقاتون بند ٿي ويون. خط کان سواءِ ميل ميلاپ جو ٻيو ڪو ذريعو ڪو نـ هوندو هو. سو همراھ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي چئي پوسٽ آفيس کولرائي. ان زماني ۾ انگريزن جي قانون مطابق پوسٽ آفيس ان شرطـ تي هڪ مهيني لاءِ کولي ويندي هئي تـ مهيني ۾ ڪيترا خط، پارسل ۽ مني آرڊر اچن ۽ وڃن ٿا. گلاب لغاري ۾ اڄ هن 21 هين صدي جي اِنفَارميشن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بـ پڙهائي پوري ساري آهي تـ 100 سال اڳ ڇا حالت هوندي ؟ پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين. هاڻي پوسٽ آفيس بـ هلائڻي آهي. ڳوٺ جي ماڻهن جي ڪا ڄاڻ سڃاڻ هجي ۽ پڙهيل لکيل بـ هجن تـ ڪو خط پٽ بـ اچي وڃي. ان مسئلي جو حل بـ پاڻ ڪڍيائين. لفافا، پوسٽ ڪارڊ ۽ مني آرڊر فارم تـ سرڪار اڳي وڪڻڻ جي لاءِ ڏياري موڪليا هئا، سو اهي سڀ پاڻ خريد ڪيائين. جتي جتي هندستان ۾ واقفيت هوندي هيس انهن سڀني ماڻهن کي هر روز خط لکندو هو. اها تـ ٿي ويندڙ ٽپال، جيڪي ٻاهران اچي ان لاءِ ائين ڪيائين جو ڳوٺ جي سڀني ماڻهن کي خط لکيائين، ڪنهن کي لفافا تـ ڪنهن کي ڪارڊ، صبح جو جيڪا ٽنڊوالهيار يا حيدرآباد بس ويندي هئي ان جي ڊرائيور کي اها ٽپال ڏيئي ڇڏيندو هو تـ صرف اهي شهرن مان ٽپال جي ڳاڙهي دٻي ۾ وجهي ڇڏين. ٻئين ٽئين ڏينهن هر ماڻهو کي خط پيا پهچندا هئا. ائين هڪ مهينو خط پٽ ايندا ويندا رهيا ۽ پوسٽ آفيس پڪي ٿي وئي. مون واري ڏاڏي سڀئي مزا ورتا، سرڪاري نوڪري بـ ڪيائين جو ڪجھـ وقت لاءِ ڍڪ منشي ٿي رهيو، زمينداري بـ ڪيائين ۽ دڪانداري بـ هلايائين پر ڪٿي بـ ڄمي بيهي نـ سگهيو. پاڻ انهي زماني ۾ بـ روزانـو باقائدگيءَ سان ڊائريءَ لکندو هو. سندس ڊائريءَ جي هڪ ورق مان سندس سيلاني طبعيت ۽ اسان جي مالي حالت جي پڙهندڙن کي پروڙ پئجي ويندي.