مئٽرڪ پاس ڪري چڻان وڪڻڻ
مون جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي تـ ان وقت منهنجي ڄمار مشڪل سان 16 سال هئي. آئون ڪنهن بـ سرڪاري نوڪري لاءِ اهل نـ هوس. گهر ۾ غربت جي ڪري گهر جي گاڏي کي هلائڻ ۾ امان کي ڪافي مشڪلاتون درپيش اچي رهيون هيون. پاڙي جو هڪڙو مهاجر ڇوڪرو چڻا وڪڻندو هو. مون ان کي چيو تـ مون کي بـ چڻا وڪڻڻ سيکار. بس ائين مون چڻا وڪڻڻ شروع ڪيا. هو مهاجر ڇوڪرو هڪ ٿالهـ مان 4 روپيـ ٺاهيندو هو ۽ آئون مشڪل سان ٻـ روپيـا ٺاهي سگهندو هوس. آئون شڪل شبيهــ جو ٿورو ملوڪڙو(ڀورل) هوندو هوس، سو ڳوٺ جا عاشق جيوڙا مون کان اچي چڻا وٺندا هئا. پر هڪڙي بدمعاشي اها ڪندا هئا جو “ اڃان ڏي اڃان ڏي” ڪري هڪ آني جي چڻن جي بجاءِ چئن آنن جا چڻا کڻي ويندا هئا. چڻن جي هڪ ٿالهـ تي مشڪل سان ڇهـ آنـا خرچ ايندو هو، جڏهن تـ آمدني ٻـ روپيـا جي لڳ ڀڳ هوندي هئي. گهر جو گاڏو مڙوئي چـڱو هلڻ لڳو. چڻا وڪڻي محنت ڪرڻ جي ڪري ڪجهـ پئسـا گڏ ٿي ويا. جيئن تـ منهنجي وڏي ڀاءُ روشن الدين لغاري کي پڙهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جو شوق هوندو هو. باقي پنهنجو پڙهڻ جو حال بـ پورو سارو، تنهن پڙهائي تان ارواح ئي کڻائي ڇڏيو. بس ائين سال کن گلاب لغاري جي گهٽين ۾ چڻا وڪڻندو رهيس ۽ گهر جي بورچي خاني جي چلهـ ٻرندي رهي. انهيءَ وچ ۾ مون کي ڪنهن مشورو ڏنو تـ تون درزڪو ڪم سک. جيئن تـ چڻن وڪڻڻ جي ڪري ڳوٺ جي دڪاندارن توڙي درزين سان منهنجا سٺا تعلقات قائم ٿي چڪا هئا. سو مون کي هر ڪو درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ تيار هو. پر امان مون کي هر ڪنهن وٽ ڇڏڻ لاءِ تيار نـ هئي. هڪڙو مينگهواڙ درزي هوندو هو. جنهن کي منهنجي ڏاڏي ڪٿان وٺي اچي پنهنجي ڪپڙي جي دڪان تي درزي ڪري ويهاريو هو، ان جو نالو هوندو هو پاتيو مل. مون کي انهيءَ پاتئي مل وٽ درزڪي ڪم سيکارڻ لاءِ ويهاريو ويو. ائين آئون درزڪو ڪم سکڻ لڳس. انهي وچ ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو. ٿيو ائين جو منهنجي وڏي ڀاءُ کي نوڪري ڪرڻ جو شوق اڳي هو ۽ هو نوڪريءَ جي ڄمار تي بـ پهچي چڪو هو، اسان کي بـ گهر ۾ ڪنهن هڪ ماڻهو جي نوڪري جي سخت ضرورت هئي. ڇو جو درزڪي ڪم سکڻ تان ڪڏهن 8 آنا تـ ڪڏهن هڪ روپيـو ملندو هو . سو بورچي خاني جو خرچو بـ مشڪل سان نڪرڻ لڳو. ادا کي حيدرآباد پاسي جي ڪنهن ماڻهو چيو تـ آئون توهان کي فاريسٽ ڊپاٽمينٽ ۾ نوڪري وٺي ٿو ڏيان. توهان مون کي رڳو درخواستو لکي ڏيو . انهي نوڪري لاءِ ٻـ اميدوار هئا، هڪڙو منهنجو وڏو ڀاءُ ۽ ٻيو ماتلي جي پاسي جو ڪو لغاري همراهـ هو. اسان مان ان کي ڪوئي ڪونـ سڃاڻندو هو. سو انهي همراهـ هنن کي ٻـ ٽي پنڌ ڪرائي، هنن کي چيائين تـ توهان جي نوڪرين جا آرڊر ڪراچي ۾ ٿي ويا آهن، پر پئسن کان سواءِ نـ ٿا ملن. توهان مان هر هڪ الڳ الڳ ساڍا چار سو روپيـا کڻي ٺٽي فلاڻي هوٽل تي اچو تـ آئون توهان جا ڪراچيءَ مان نوڪرين جا آرڊر کڻي اچي توهان کي ڏيان. هو همراهـ جيئن ڪراچي ويو تـ موٽيو ئي ڪو نـ، هنن کي ٺٽي جي هوٽل وارن هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ پئسن کٽڻ تي هوٽل مان ڪڍي چڏيو، نـ نوڪري ملي نـ همراهـ هٿ آيو. اهي ٻـ چار سئو روپيـا جيڪي مون چڻا وڪڻي گڏ ڪيا هئا، اهي بـ هليا ويا. امان پوءِ ٻـ ٽي مهينا انهن پئسن لاءِ رئندي رهي. پر ٺڳن جي ور چڙهيل پئسا نـ واپس ٿيڻا هئا نـ ٿيا.