سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارن جي صحت جي باري ۾ هڪ بنيادي ڪتاب

ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي پهريون سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جيڪو ٻارن جي صحت ۽ بيمارين جي باري ۾ آهي. ٻار اسان جي معاشري جو اهم حصو آهن ۽ اسان جو مستقبل آهن. انهن جي صحت ۽ خوشحالي ان جي سٺي مستقبل جي ضمانت آهي. ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ جي اهڃاڻن مان هڪ اهم اهڃاڻ، ان ملڪ جي اُبهم ٻارڙن جي موت جي شرح (Infant Mortality Rate) به هوندو آهي، جنهن سان ان ملڪ جي ٻارڙن جي صحت ۽ سارسنڀال جو اندازو لڳائي سگھبو آهي.
اسان جو ملڪ پاڪستان هن سلسلي ۾ تمام گھڻو پوئتي آهي، ان جي اها شرح 65 آهي. يعني هڪ هزار ڄاول ٻارن مان، هڪ سال جي اندر 65 ٻار فوت تي وڃن ٿا. جڏهن ته اسان کان ڌار ٿيل ملڪ بنگلاديش به اسان کان هن سلسلي ۾ بهتر ٿي چڪو آهي، ان جي شره 59 آهي. ڪيوبا ۾ اها شرح 58 آهي.
پاڪستان ۾ به وري سنڌ جي ٻارڙن جي صحت جي حالت اڃا وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ٿر ۾ ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان مرندڙ ٻارن جون خبرون ان مايوس ڪندڙ صورتحال جي هڪ جھلڪ آهن.
ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي ٻارن جي بيمارين متعلق سنڌي ٻوليءَ ۾ هي ڪتاب لکي ڄڻ هڪ وقتائتو قدم کنيو آهي. هي ڪتاب نه رڳو عام ماڻهن کي ٻارن جي صحت، بيماري ۽ انهن کان بچاءُ ۽ علاج جي باري ۾ سولي سنڌيءَ ۾ مفيد معلومات ڏئي ٿو، پر اهو ميڊيڪل اسٽوڊنٽس ۽ عام ڊاڪٽرن لاءِ به ڪافي لاڀائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو. هن ڪتاب ۾ ٻارن جي مُک ۽ مڙني بيمارين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، البت ٻارن جي سرجيڪل بيمارين جو به ٿورو ذڪر ٿيل هجي ها ته ڪتاب اڃا به وڌيڪ ڀرپور ٿي وڃي ها.
سنڌيءَ ۾ سائنسي موضوع تي لکڻ ۽ ليکڪ کي وڏي ۾ وڏي دشواري ٽيڪنيڪل لفظن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ يا انهن جو نعم البدل هٿ ڪرڻ هوندو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي پنهنجي پاران ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته انهن انگريزي ۽ ميڊيڪل فقرن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو يا نعم البدل لفظ يا محاورو هٿ ڪري، ان ڪوشش ۾ هو گھڻو ڪامياب به نظر اچي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي انگريزيءَ جا اهي لفظ جيئن جو تيئن رکڻ به ليکڪ جي مجبوري ٿي پون ٿا. هي ڪتاب عام پريڪٽشنر ڊاڪٽرن لاءِ به ڄڻ هڪ رفرنس بُڪ طور ڪم اچي سگھي ٿو.
ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هونئن به شاگرديءَ واري زماني کان ئي علم ۽ ادب سان چاهه رهيو آهي. پوءِ اها اسان جي شاگرديءَ واري زماني ۾ آباد ٿيل ادب دوست ماڻهن جي ويهڪ جو مرڪز – باقراڻي روڊ تي قائم ڪيل “ لطيف ادبي ڪچهري” هجي يا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ان دور ۾ نڪرندڙ ادبي مخزنون هجن، ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو انهن سرگرمين ۾ نمايان ڪردار رهيو آهي.
توڻي جو ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي کي ٻارن جي بيمارن ۾ ڪا اسپيشلٽ ڊگري ورتل نه آهي، پر سندس ڪتاب جنهن انداز ۾ لکيل آهي، اهو لڳي ٿو ته ڪنهن ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر لکيو آهي. سنڌيءَ ۾ طبي موضوعن تي تمام ٿورڙا ڪتاب لکيا ويا آهن، هي ڪتاب به انهن ٿورڙن ڪتابن جي فهرست ۾ هڪ اهم اضافو ثابت ٿيندو. اميد آهي ته هي ڪتاب ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي طرفان شروع ڪيل سندس ڊگھي علمي ۽ طبي سفر جي پهرين وِک ثابت ٿيندو.


[b]ڊاڪٽر سڪندر مغل
[/b]لاڙڪاڻو
5 آڪٽوبر 2018ع