وڏي کنگهه يا کرٽيو Wooping Cough (Pertussis)
[b]بيماري متعلق ڄاڻ (Epidemiology)
[/b]وڏي کنگهه تمام گهڻو پکڙجندڙ آهي. ان سان خاص ڪري بيماريءَ جو وچڙندڙ ذريعو آهي.
• انسان کي ٻئي انسان کان کنگهه جي ذريعي ٿيندي آهي.
• بيماريءَ مدو جو 6 کان 14 ڏينهن آهي.
• ننڍڙا ٻار (Infants) ۽ عورتون گهڻيون هن بيماري جي وَر چڙهنديون آهن.
• گهر ۾ گهڻا ماڻهو رهندڙ ۽ صفائي نه رکندڙ هن بيماري کي پکڙجندڙ ۾ مدد ڪنديون آهن.
• موت هڪ سال جي گهٽ وارن ٻارن ۾ گهڻو ٿيندو آهي.
[b]نشانيون (Clinical Feature)
[/b]هي بيماري 6 کان 8 هفتن ۾ ڇڏيندي آهي. هن بيماري جا ٽي حصا ٿين ٿا.
[b]1. زڪام وارو مرحلو (Catarrhal Stage)
[/b]هن مرحلي ۾ شروع ٿيڻ سان ٻار کي زڪام ٿيندو آهي. جنهن ۾ ٻار کي سياٽو ٿيندو آهي ۽ گڏ هلڪو بخار، اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيندا آهن. نڇون (ڇڪون) اينديون آهن ۽ نڪ مان پاڻي وهندو آهي. هي سلسلو هڪ کان 2 هفتن تائين هلندو آهي. خشڪ کنگهه خاص ڪري رات جو ٿيندي آهي.
[b]2. دوري پوڻ وارو مرحلو (Paroxysmal Stage)
[/b]هي دورو 2 کان 4 هفتن تائين هلندو آهي. هن مرحلي ۾ کنگهه گهڻو زور وٺندي آهي. ٻار کي هر پنجن کان ڏهن منٽن ۾ کنگهه جا زوردار دورا پوندا آهن. کنگهه جا دورا 6 مهينن کان گهٽ ٻار ۾ ۽ وڏن ۾ نه هوندا آهن. کنگهه دوران منهن ڳاڙهو ٿي ويندو آهي ۽ ٻار نيلو پيلو ٿي ويندو آهي ۽ آخر ۾ کنگهه کان پوءِ الٽي ايندي اٿس.
[b]3. بيماريءَ جي مڙڻ وارو مرحلو (Convalescent Stage)
[/b]هن مرحلي ۾ ٻار کي کنگهه جا دورا پوڻ ڏينهون ڏينهن گهٽبا ويندا آهن. انهن جي جاري رهڻ واري مدت (Duration) هڪ کان 2 هفتن تائين گهٽجي ويندي آهي. ٻار جي ڪوڪ (Whoop (Shrill اچڻ به آهستي آهستي گهٽجي بند ٿي ويندي آهي. باقي عام کنگهه ڪيترن مهينن تائين هلندي آهي.
[b]مونجهارا (Complications)
[/b]1. نمونيه
2. هلچل
3. ڦڦڙن جي بيماري
4. دماغ جي بيماري
5. ڪن جو سور
6. ڪاڪوس واري جاءِ تي داڻو
7. ڇن (Inguinal)
8. سُڪي جي بيماري
9. ساهه جي تڪليف
10. هر هر الٽي جو اچڻ
[b]علاج:
[/b]ايروٿرو مائسن Erythromycin زڪام جي دورن کي گهٽتائيندي وزن 30-50mg/kg dose ڪلوگرام سڄي ڏينهن ۾ 14 ڏينهن تائين.
ايزٿرومائسن 10mg/kg/day Azethromycin ملي گرام/ ڪلوگرام/ ڏينهن ۾ 3 ڏينهن لاءِ يا ڪلوٿرو مائيسن 15mg Clarithromycin ڪلوگرام/ ڏينهن 10 ڏينهن لاءِ. ساهه واريون دوائون سالبيٽومول Salbutomol Corticosteroids پڻ مدد ڏينديون آهن پراڻين بيمارين ۾.
[b]بچاءُ جا اُپاءُ (Prevention)
[/b]حفاظتي ٽُڪا، DPT ٽُڪا EPI پروگرام ۾ شامل آهن. جيڪي 6 هفتن، 10 هفتن ۽ 14 هفتن جي عمر ۾ هڻبا آهن.