مختلف موضوع

ايءُ عشقَ جو آواز

جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.

Title Cover of book Eeu Ishq Jo Awaz

هن ڌرتيءَ تي سڀ کان افضل ۽ اشرف انسانذات:

[b]هن ڌرتيءَ تي سڀ کان افضل ۽ اشرف انسانذات:
[/b]محترم سامعين: هن ڪائنات ۾ هن ڌرتيءَ تي سڀ کان افضل ۽ اشرف انسانذات کي ان ڪري بڻايو ويو آهي جو انسان ۾ ٻي مخلوق جي ڀيٽ ۾ سمجهه ۽ سُرتِ گهڻي آهي، انسان، انسان جو ڏک محسوس ڪري سگهي ٿو، تڏهن ته انسان جو مانُ هن ڪائنات ۾ مٿانهون آهي. سٺي ۽ ڪَسيءَ جو انسان سوچي ٿو، ٻين جي مدد ڪري ٿو. جيڪو انسان ٻين جي مدد نٿو ڪري، ٻين ماڻهن لاءِ پنهنجي دل ۾ نيڪ تمنائون، ڀلايون، همدرديون ۽ پيار سانڍي نٿو رکي، اهو ان جانور مثل آهي جيڪو صرف پنهنجي ذات لاءِ جيئي ٿو، هر نئين ٿيندڙ صبح ۾ اسين جڏهن ننڊ مان اٿي پنهنجي ڪمن لاءِ نڪرون ٿا ته اسان ٻين لاءِ به اهوئي سوچون جيڪو پنهنجي لاءِ سوچون ٿا. اسين هڪ پهاڪو ته عام چوندا آهيون ته “ ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو ” سو اسان جڏهن پنهنجي دل ۾ ٻين سان ڀلائي لاءِ ڪجهه سوچي نڪرنداسين ته اهو يقين سمجهڻ گهرجي ته اسان جي لاءِ دنيا جا هر دروازا آسانيءَ سان کُلي پوندا ۽ ڪاميابيون ماڻيندا رهنداسين.

[b]هاريءَ جي سماجي حالت کي سڌاريو ۽ بهتر ڪيو:
[/b]محترم سائين: زرعي ادارن کي اسان جي زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ بهتر کان بهتر نموني جا قدم کڻڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته اسان جي آباديءَ جو وڏو دارومدار زراعت تي آهي. زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي ته هاريءَ جي سماجي حالت کي سڌاريو ۽ بهتر ڪيو وڃي، کين قرضن کان آجي ڪرڻ لاءِ ڪي تڪڙا اپاءَ وٺن ۽ مضبوط رٿا بندي ڪرڻ ضروري آهي، ڏسجي ٿو ته حڪومت پاران هارين کي ڀوتارن جي قرضن کان آجي ڪرائڻ لاءِ زرعي قرض جاري به ڪيا وڃن ٿا، پر اهي هارين تائين بلڪل نٿا پهچن. ان سموري سهولت ۽ قرض مان فقط زميندار ئي فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ قرض ڏيندڙ اداري جا ماڻهو پنهنجو حصو پتي حاصل ڪري جاوا ڪري رهيا آهن. وڏيرن ۽ سيٺين جو قرض هارين مٿان ته لهي ئي نٿو، ڀاڻ، زرعي دوائون ۽ ٻج ته وياج کان سواءِ ملندا ناهن، پر انهن ۾ نقلي هجڻ جون رڙيون به عام جام آهن. آباديءَ جي وڌڻ سان گڏ خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو به ضرور پيدا ٿئي ٿو. هڪ اندازي موجب اٽڪل هڪ لک ايڪڙ ايراضي سم ۽ ڪلر جي ڪري ناڪاره ٿي وڃي ٿي. ڪيترن هنڌن تي بجلي يا ڊيزل جي مشينن وسيلي پاڻي ڪڍي آبادي ڪئي وڃي ٿي، جنهن جا خرچ ڳاٽي ڀڳا آهن، جيڪڏهن مناسب وقت تي فصل پوکڻ لاءِ پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پاڻيءَ جي چوري روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن، مارڪيٽ ۾ هارين لاءِ اصلي سٺي ٻج جي دستيابي ممڪن بڻائي وڃي ۽ نقلي دوائن خلاف اثرائتا اپاءَ ورتا وڃن ته اسان جا هاري بهتر کان بهتر اپت حاصل ڪري سگهن ٿا.

[b]علم کانسواءِ انسان بي نور آهي:
[/b]سائين منهنجا: علم انسان جي ٽين اک آهي، علم کانسواءِ انسان بي نور آهي. هڪ اکر پڙهائڻ وارو به استاد آهي ۽ استاد اهڙو پيشو آهي جيڪو انسان کي اوندهه مان ڪڍي روشني طرف آڻي ٿو. هن پيشي کي پيغمبري پيشو به چيو ويندو آهي. استاد کي ٻيو نمبر ماءُ پيءُ به چيو وڃي ٿو. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان علم کي ڪي استاد ڪنهن ٻي نظر سان ڏسي رهيا آهن. اڄ جا استاد ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڪمن ڪارين ۽ پنهنجن ذاتي ڪاروبار ۾ مشغول آهن. اهڙن استادن کي هي چوڻو آهي ته اوهان جا ڪاروبار اسڪول جي وقت کان پوءِ به هلي سگهن ٿا، پر علم کام محروم رهجي ويل ٻارڙا سڄي عمر لاءِ، علم جي روشنيءَ کان محروم ٿي ويندا، اهي ڪنهن کي پنهنجي جاهل هجڻ جو ڏوهه ڏيندا؟ استاد جي رشتي جون حدون ۽ گهرايون ڪو به ماپي نٿو سگهي، استاد هڪ بي بها موتي آهي، استاد اها هستي آهي جيڪا مٽيءَ کي به سون ڇڏيندي آهي.لبناني ڏاهي خليل جبران جو چوڻ آهي ته “جيڪڏهن استاد هن دنيا ۾ نه هجي ها ته ڪو به ترقيءَ جون منزلون ماڻي نه سگهي ها” تمام ڀلا استاد جيڪي پنهنجي فرض کي قرض سمجهي ايمانداريءَ سان ادا ڪري رهيا آهن، تن کي لکين شابسون آهن جيڪي پنهنجي فرض سان سچا آهن ۽ انهن جي ڪري ئي علم جو ڏيئو روشن آهي. هن پروگرام ذريعي استاد برادريءَ کي گذارش آهي ته اهي پنهنجون ڊيوٽيون ايمانداريءَ سان ادا ڪندا ته انهن جي رزق ۾ رب تعاليٰ تمام گهڻي برڪت وجهندو ۽ ذهني سڪون به ملندو ۽ ٻي طرف هن ستم جي ستايل قوم جا ٻارڙا علم حاصل ڪري ڪنهن سٺي منزل تي پهچي اوهان کي دل سان دعائون به ڏيندا رهندا.

[b]اسان کي ٻين جو مددگار بڻجڻ جو طريقو سکڻ گهرجي:
[/b]محترم سامعين: اسان کي ٻين جو دوست ۽ مددگار بڻجڻ جو طريقو سکڻ گهرجي، هميشه پنهنجائپ وارو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، اسان کي هن دنيا ۾ جنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي سان دوستي آهي نه ڪي دشمني. دوست بڻائڻ نهايت ئي ڏکيو ڪم آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ دشمن بنائڻ ۾ ڪابه دير ناهي لڳندي. دوستي نالو آهي سهپ ۽ رواداريءَ جو. اهي شخص جيڪي خوش نظر اچن ٿا، تن کي اها خوشي ۽ ڪاميابي دوستن وسيلي ئي حاصل ٿيندي آهي. انسان جي جيترا گهڻا دوست هوندا اوترو آسانيءَ سان تڪليفن کي منهن ڏئي سگهبو. اسين جڏهن پاڻ کي هڪٻئي جو دوست چئون ٿا تڏهن ڏک ۽ سک ۾ گڏجي رهڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي.

[b]اخلاق انساني سماج جو هڪ اڻ لکيل ضابطو:
[/b]سائين منهنجا: اخلاق انساني سماج جو هڪ اهڙو اڻ لکيل ضابطو آهي جيڪو سمورن رواجن ۽ قانونن کان اڳ ۾ جنم وٺي چڪو آهي ۽ دنيا جي سمورن قانونن کان بلند مقام رکي ٿو. ان کان سواءِ اخلاق اهڙي گڻ جو نالو آهي جيڪو هر دور ۾ سماج جي گهرجن، قدرن، صحتمند سوچن، هڪٻئي جي حقن جي احترامن ۽ حساس جذبن توڻي اهڙين ٻين ڳالهين جي حوالي سان جڙندڙ اڻ لکيل ضابطن جي عڪاسي ڪري ٿو، وري جڏهن اسين تاريخ جي ورقن کي اٿلائي ڏسنداسين ته اهو معلوم ٿيندو ته اخلاقي ضابطو هر دور ۾ ساڳيو ناهي رهيو، پر مهذب قومون هميشه پنهنجي هن سرمائي کي سانڍينديون آيون آهن. تڏهن ته اهڙين قومن جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جا مثال دنيا جي هر ملڪ ۾ ڳايا وڃن ٿا. هيءَ ڳالهه به سج وانگر چٽي آهي ته مال ملڪيت ۽ ڌن دولت سان اخلاقي قدر حاصل ڪري نٿا سگهجن، ان لاءِ دنيا جو اهو انسان يا اها قوم وڏي دولت وارا آهن جيڪي بلند اخلاق جا مالڪ آهن.

[b]انسان ڪي نه ڪي مقصد کڻي هلي ٿو:
[/b]محترم سامعين: هن ساري عالم ۾ هر انسان ڪي نه ڪي مقصد کڻي هلي ٿو، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ٿو. انهي رستي جو راهي هر انسان آهي، ڪي انسان انهيءَ رستي تي هلندي ڏکيائون سهندي ٿڪجي پوندا آهن، ڪي پوئتي موٽ کائيندا آهن ته ڪي وري ٿَڪُ ڀڃي وري پنهنجي سفر کي شروع ڪندا آهن. چوڻ جو مقصد هي آهي ته اهو ضروري ناهي ته هر ماڻهوءَ کي جلدي منزل ملي وڃي، منزل ضرور ملندي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مقصد سان سچو هجڻ تمام ضروري آهي. منزل جي حاصلات لاءِ ڪنهن به ڏکيائي کان گهٻرائجي وڃڻ نه گهرجيته پوءِ پنهنجي ان منزلِ مقصود کي ماڻي سگهنداسين ۽ منزلون اسان جي قدمن هيٺان هونديون.

[b]هر رستي تي ڪو نه ڪو ڪنڊو ضرور آهي:
[/b]سائين منهنجا: هر رستي تي ڪو نه ڪو ڪنڊو ضرور هوندو آهي، هر ڪنڊو پنهنجي اندر ۾ ڪونه ڪو راز لڪائي رکندو آهي، راز مان ڪونه ڪو امتحان جنم وٺندو آهي، هر امتحان سان تجربو ۽ تجربي مان ڪونه ڪو سبق حاصل ٿيندو آهي ۽ وري هر سبق وسيلي محنت رنگ لائيندي آهي، هر محنت جي شروعات سان چند مسئلا در پيش ايندا آهن، هر مسئلي جو ڪونه ڪو حل ضرور هوندو آهي، هر حل ۾ وري ڪونه ڪو نقص هوندو آهي، هر نقص پنهنجي اصلاح ڪندو آهي، هر اصلاح پويان سٺي ترقي لڪل هوندي آهي، هر ترقي وري پاڻ سان کڻي ايندي آهي ڪيترائي خوبصورت رنگ، خوبصورت رنگ پيدا ڪندا آهن، حسين زندگي ۽ زندگي ساڻ آڻيندي آهي پاڻ سان محبت، پيار، اُنس، چاهت ۽ پريت ۽ جڏهن اسان کي اهي سڀ انمول شيون ملي وينديون آهن ته اسان زندگيءَ کي سمجهي وٺنداآهيون ۽ جڏهن زندگي کي اسان سمجهي ورتو ته پوءِ اسان کي هر حال ۾ زندگي گهارڻ جو ڏانءُ اچي ويندو ۽ سائين! جنهن اهيو ڏانءُ حاصل ڪري ورتو، ان ڄڻ دنيا جي وڏي شهنشاهيت حاصل ڪري ورتي.

[b]سڀ کان اول پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ:
[/b]محترم سامعين: دنيا جي عظيم انسانن هيمشه هن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي پنهنجي وجود بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي، هن ڪل ڪائنات مان واقفيت حاصل ڪرڻي آهي يا پنهنجي پرائي کي سڃاڻڻو آهي ته پوءِ سڀ کان اول پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻو پوندو. هونءَ به سائين جڏهن حجاب جا پردا هٽڻ لڳندا آهن، تڏهن انسان “همه اوست” جي واديءَ ۾ گم ٿي ويندو آهي، پوءِ ماڻهو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي جهومندي ۽ پنهنجي من اندر سان ڳالهيون ڪندي نظر ايندو آهي. ڏاهن جو چوڻ آهي ته “جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو، تنهن ڄڻ سڀ کي سڃاتو.”
جهاتي پنهنجي جيءَ ۾ سائين، هڪڙو ڀيرو جي تون پائين،
پاڻ سڃاڻي سڀ ڪي پسندين، لڪل سڀ ڪي راز او سائين.

[b]اهو شخص مالدار آهي جنهن وٽ سچا ۽ سٺا دوست موجود آهن:
[/b]سائين منهنجا: هر انسان پنهنجي ڳالهين وسيلي پنهنجي ڏاهپ ۽ دانائي ظاهر ڪندو آهي،اهائي زبان آهي جيڪا پرائن کي پنهنجو ۽ پنهنجن کي پرائو ڪري ڇڏيندي آهي. اسان کي هر محفل، هر جاءِ تي جڏهن به ڳالهائڻ جو موقعو ملي ته پهريون سوچي سمجهي، ڳالهين کي توري تڪي، پوءِ ڳالهائڻ گهرجي. بهتر لفظ بهتر ادائگي اسان کي کوڙ سارا انمول دوست پيدا ڪري ڏيندي ۽ اها اسان سڀني کي خبر آهي ته سڀ کان وڏي دولت سٺا دوست ئي هوندا آهن. جنهن ماڻهوءَ وٽ بهتر ۽ سٺا دوست ناهن اهو غريب آهي پوءِ هن وٽ ظاهري دولت يا ملڪيت ڇو نه هجي. اهو شخص مالدار آهي جنهن وٽ سچا ۽ سٺا دوست موجود آهن پوءِ اهو ڀلي ظاهري مال دولت ۾ غريب ڀلي هجي، پر اهو امير آهي ان ماڻهوءَ کان جنهن جو ڪوبه سٺو دوست ناهي.

[b]نيت صاف منزل آسان:
[/b]سائين منهنجا: هڪ چوڻي آهي ته “نيت صاف منزل آسان” سو سائين اسان کي گهرجي ته پنهنجي اندر ۾ ڪنهن لاءِ به ڪنهن به قسم جو مَيرُ نه رکون. اندر ۾ مَيرُ رکڻ سان ڇا ٿو ٿئي يا جيڪو به پنهنجي اندر ۾ بغض، ڪينو ۽ ڪدورت کي پناهه ڏئي ٿو، اهو ڪڏهن به سک جو ساهه نٿو کڻي. جنهن ماڻهوءَ جي من ۾ کوٽ هوندي آهي، اهو هميشه مايوس، ويڳاڻو ۽ اڪيلو رهي ٿو، ان جو ذهن هميشه غير متوازن رهي ٿو. هونءَ به سائين! جتي باهه ٻرندي آهي اتي ڪهڙا گل ڦٽندا آهن. سو نيت جي بدي به اها باهه آهي جيڪا من اندر جي مٺي زمين کي ڪلراٺو بڻائي ان ۾ پيدا ٿيندڙ هر سائي سَلي کي ساڙي ڇڏي ٿي. ان لاءِ ئي چيو ويندو آهي ته “ نيت صاف رکبي ته منزل پاڻ مرادو انسان جا پير چمندي.” لاکيڻي لطيف فرمايو آهي ته:
منهن ته آهيريانئي اجرو، قلب ۾ ڪارو،
ٻاهريان زيب زبان سين، دل ۾ هچارو،
ان پر ويچارو، ويجهو ناهي وصال کي.
(سر آسا داستان 4)

[b]ڪنهن به قوم جو مجموعي ڪردار تعليم کان ورتو وڃي ٿو:
[/b]محترم سامعين: ڪنهن به قوم جي مجموعي ڪردار ۽ زندگيءَ گذارڻ جي نموني کي خاص سانچي ۾ سنوارڻ جو ڪم تعليم کان ئي ورتو ويندو آهي. اسان کي تعليم جي اهڙي خاص اهميت کي آڏو رکندي ئي هن اهم شعبي کي گهربل بنيادن تي بيهارڻ جي سخت ضرورت تي غور ڪرڻ گهرجي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سنڌ سونهاري ۾ ڪنهن به شعبي کي عوام جي بنيادي ضرورتن ۽ اجتماعي مفادن مطابق ٺاهڻ جي بجاءِ، هر ماڻهو ان کي پنهنجي انفرادي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سوچ رکي ٿو. ڪجهه ماڻهو استادن جو يوسي جي بنيادن تي مقررين کي صحيح نٿا سمجهن، ڪي وري استاد پٺتي پيل علائقن ۾ پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ آماده نه آهن، تنهنڪري انهن علائقن جي اسڪولن کي هلائڻ لاءِ اتان جي مقامي ماڻهن کي ميرٽ جي بنياد تي مقرر ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته تعليم مان لاڀ پرائڻ جو گهربل مقصد ئي حاصل ٿي نه سگهندو. اسان اهڙن استادن کي مثال ڪري پيش ڪريون جن جي مقرري ٻهراڙين جي اسڪولن هلائڻ لاءِ ٿئي ٿي، پر اهي ڀوتان ۽ اعليٰ عملدارن جي مهربانين سان ڊپوٽيشن تي پنهنجي من پسند اسڪولن ڏانهن هليا وڃن ٿا ۽ ٻهراڙين جي انهن اسڪولن کي ويران ڪري وڃن ٿا، جن جي صدقي کين روزگار مليو.

[b]ميلا ملاکڙا ۽ رانديون، تفريح لاءِ آهن نه ڪي هوائي فائرنگ ڪرڻ لاءِ:
[/b]سائين منهنجا: ميلا ملاکڙا ۽ رانديون، تفريح سان گڏ وگڏ صحتمند معاشري جي قيام لاءِ ڪارگر هوندا آهن. سنڌ ۾ ٻين راندين سان گڏ ڏاندن جي گوءِ به مشهور عوامي راند جو موقعو هوندو آهي. اخبارن جي هڪ خبر زينت بڻي آهي ته هڪ ڳوٺ ۾ ڏاندن جي گوءِ ۾ جڏهن هڪ ڌر جا ڏاند سوڀارا ٿيا ته انهن خوشيءَ ۾ هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هڪ نوجوان زخمي ٿيڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌ ۾ راند، تفريح ۽ ٻين خوشين جا موقعا جهمريون پائڻ، گهورون ڪرڻ، مٺائي ورهائڻ ۽ انعامن ڏيڻ بدران موت ڏيڻ جو سبب ڇو ٿي رهيا آهن؟ اسين ميلا ملاکڙا، ٻيلهاڙا، ڪوڏي ڪوڏي، ڏاندن جي گوءِ ۽ ٻيون صحتمند سرگرميون منعقد ڪرائيندڙن کي اهڙن موقعن تي هوائي فائرنگ ڪرڻ وارن خلاف قدم کڻڻ جو مشورو ڏيون ٿا. ڇو ته هوائي فائرنگ ڪرڻ اسان سنڌين جو ڪلچر ئي ناهي. سنڌ ته سُر سنگيت، محبت ۽ پيار جي ڌرتي آهي. جنهن کي “وڳوڙي علائقو” ثابت ڪرڻ لاءِ هٿيارن جي عالمي واپارين جي دلالن جي نمائندن سنڌ دشمن قوتن جي راضپي لاءِ هٿيارن کي شايد عام ڪرايو آهي، ته جيئن هڪ طرف سنڌ بد امنيءَ جو شڪار ٿئي ۽ ٻئي طرف هٿيارن جي کلي عام استعمال ڪري سنڌ جو پُر امن تعارف ميسارجي وڃي. وقت جي گهرج آهي ته پنهنجي حفاظت لاءِ ورتل هٿيارن کي پنهنجن جو رت وهائڻ جي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

[b]تعليم دشمني قرار ڏجي يا تعليم دوستي؟
[/b]سائين منهنجا: تعليم کي سماج جي ترقيءَ جو بنيادي فيڪٽر مڃيو ويو آهي، پر اسان وٽ تعليم جي نظام کي هٿ سان تباهيءَ ڪناري تي پهچائڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن. اسان جي ٻهراڙين جا ڪيترائي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن، استادن جون ڀرتيون سفارشي بنيادن کي ترجيح ڏئي ڪيون وڃن ٿيون، پر ڪير به نٿو سوچي ته جتي استاد، وڏيرن جي در جي سلامي ڀريندو هجي، اتي تعليم جي ترقيءَ لاءِ ڪير سوچيندو؟ عام مشاهدي موجب سفارشي بنيادن تي مقرر ڪيل استاد وڏن ماڻهن جي درن تي جتيون گسائڻ ۾ پورا آهن. اميرن وڏيرن ۽ مالدارن جا ٻار ته پرائيوٽ اسڪولن ۾ مهانگيون فيون ڀري پڙهن ٿا، باقي غريب ماڻهو پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ ڪهڙي ڳالهه تي سوچين؟ لڳي ٿو ته ڪا مافيا آهي، جيڪا سوچي ٿي ته غريبن جا ٻار پڙهي ويا ته پوءِ وڏيرن جي وڏيرائپ جو ڇا ٿيندو؟ استاد به ڇو پڙهائين؟ جڏهن وڏيرن جي اوطاق جا ٻه چڪر ڪاٽڻ ۽ حد جي تعليمي آفيسر کي مٺائي ڏيڻ سان ڪم هلي ٿو ته پوءِ هو ٻين وڳي تائين ڇو شاگردن سان مٿي ماري ڪن؟ اهڙين ڪاررواين کي تعليم دشمني قرار ڏجي يا تعليم دوستي؟ فيصلو عوام جي ضمير جي عدالت ۾ آهي.

[b]موبائل جا بنيادي اصول استعمال نٿا ڪيا وڃن:
[/b]محترم سامعين: اڄڪلهه موبائل فون ايتري ته عام ٿي ويئي آهي، جو هر امير توڙي غريب وٽ پنهنجي موبائل ضرور آهي، پر موبائل جا بنيادي اصول استعمال نٿا ڪيا وڃن، جنهنڪري ٻين کي سخت تڪليف ٿئي ٿي. مثال طور شاگرد ڪلاس رومن ۾ موبائل بند ڪري نٿا اچن ۽ ليڪچر هلندي انهن جي وڄندڙ فون سموري ڪلاس کي پريشان ڪري ڇڏي ٿي، يا استاد ليڪچر ڏيڻ ۾ مصروف هوندو آهي ته موبائل رکندڙ شاگرد گيم کيڏڻ، ميسج ڪرڻ، فيس بوڪ تي چيٽ ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن. هاڻي ته هي منظر اوهان اسان روزانو ڏسون ٿا ته بس، ڪوچ، ويگن يا ٻي گاڏي هلائيندڙ ڊرائيور حضرات گاڏي هلائيندي موبائل تي ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ڊرائيوري ڪندي موبائل فون استعمال ڪرڻ غير قانوني عمل آهي، پرنه اسان ئي ٿا قانون جي پاسداري ڪريون نه ئي قانون جا رکوالا! آمريڪا جي هڪ رسالي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گهڻي موبائل استعمال ڪرڻ سان انسان جي ڪنن تي ناڪاري اثر پون ٿا، ڇاڪاڻ ته موبائل ۾ جيڪي مقناطيسي لهرون ٿين ٿيون، اهي انتهائي خطرناڪ آهن. رپورٽ جي حيرت ڏيندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته موبائل تي گهڻا ميسج لکڻ يا گيم کيڏڻ سان آڱرين جي مٿانهين حصن جي طاقت گهٽجي وڃي ٿي. چوڻ جو مقصد هي آهي ته موبائل فون جو اجايو ۽ فضول استعال نه ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ سان گڏ ٻين کي تڪليف به نه ڏجي.

[b]دعا آهي ته اوهان کي، اوهان جي ڪم ۾ نفعو نصيب ٿئي:
[/b]محترم سامعين: صبح جو وقت آهي، اوهان پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرڻ وارا آهيو، ڇو ته دنيا داريءَ جي ڪمن ڪارين سان به لڳڻو آهي. اوهان جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري يا خانگي اداري سان لاڳاپيل آهيو يا پنهنجي ڌنڌي ڌاڙِيءَ سان آهيو، دعا آهي ته اوهان کي، اوهان جي ڪم ۾ نفعو نصيب ٿئي. پر اڄ هي ارادو ڪريو ته جيڪو به اڄ ڪم ڪريو، اهو جائز هوندو ۽ اوهان ايمانداريءَ سان ڪندؤ. جي اوهان مزدور آهيو ته پنهنجي دل ۾ هيءَ ڳالهه سانڍي ڇڏيو ته اوهان جي محنت آهي جيڪا هن دنيا کي حسين بڻائي ٿي. اوهان هاري آهيو ته اوهان کي فخر هئڻ گهرجي ته اوهان جا هٿ سون کان به وڌيڪ قيمتي آهن، هي اوهان جائي هٿ ته آهن جيڪي انُ اپائي پوري دنيا جي انسانذات کي بک کان بچائين ٿا ۽ زندهه رهڻ جو سامان مهيا ڪن ٿا. سو پنهنجي محنت ۾ ڪڏهن به خيانت نه ڪجو. جي اوهان شاگرد آهيو ته پوءِ آءُ اوهان کي اهوئي چوندس ته علم پرايو ڇو ته علم ماڻهوءَ کي ماڻهپو سيکاري ٿو، علم ئي آهي جيڪو انسان کي زمين تان کڻي آسمان جي بلندين تائين پهچائي ٿو.

[b]هروڀرو ڪم مان عيب ڪڍڻ جا ماهر:
[/b]سائين منهنجا: اسان اهڙا ماڻهو به ڏٺا هوندا، جيڪي هروڀرو ڪم مان عيب ڪڍي، پنهنجي عقل ۽ ڏاهپ جو رعب ڄمائڻ لاءِ ناڪام ڪوشش ڪندا رهندا آهن. اهڙا ماڻهو هر ڪم ۾ رنڊڪون وجهي ويهندا آهن. اهڙا ماڻهو ظاهر ۾ ڏاڍا مٺا هوندا آهن پر اهي اندر ۾ اوترائي ڪڙا ٿيندا آهن. انهن لاءِ اهيوئي اهي هر فساد جي جڙ هوندا آهن انهن کي امن راس ناهي ايندو، ڳوٺن ۾ برادرين ۾ جهيڙا ڪرائي ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ڪرائي به ماٺ ناهن ڪندا، اهي انساني نسل ختم ڪرائي به دم ناهن پٽيندا پر معتبري واسطي هو، اهو سڀ ڪجهه ڪرائڻ لاءِ آتا هوندا آهن جيڪي ڪم اخلاقيات جي دائري کان ٻاهر هوندا آهن. اسان کي الله تعاليٰ عقل ۽ سمجهه ڏني آهي، اسان کي اهڙن ماڻهن جي چوڻ تي هرگز نه لڳڻ گهرجي. سڀ کان اول اسان کي پنهنجي ديس جي ڀلي لاءِ پنهنجي ڳوٺ جي بهتريءَ لاءِ، پنهنجي اولاد جي روشن آئيندي لاءِ سوچڻ گهرجي ۽ اهڙا ڪي به ڪم نه ڪرڻ گهرجن، جن سان اجتماعي نقصان ملن، ڳوٺن مان امن هليو وڃي ٻار تعليم کان پري ٿي جهالت جي ورِ چڙهي وڃن

[b]ٻه يا ٽي منٽ يا ڪجهه گهڙيون ۽ انهن جي اهميت!
[/b]سائين منهنجا: ٻه يا ٽي منٽ يا ڪجهه گهڙيون اسان جي هن زندگيءَ ۾ ڪهڙي اهميت رکن ٿيون؟ جيڪڏهن انهن کي صرف وقت جي حساب سان شمار ڪجي ته انهن جي ڪابه ايڏي وڏي اهميت ڪانهي، پر جيڪڏهن اسين انهن کي ڪڏهن ڪڏهن هن ڪم لاءِ ڪتب آڻيون ته ڪنهن نه ڪنهن کي خوش ڪجي، ڪنهن نه ڪنهن جي چپن تي مرڪ آڻجي ته پوءِ اهي ٻه يا ٽي منٽ يا چند گهڙيون تمام وڏي اهميت وارا آهن ۽ سون کان به وڌيڪ قيمتي ۽ بي بها آهن. هڪڙو منٽ ننڍڙي ٻار جي اکين مان وهندڙ لڙڪ کي سڪائي سگهي ٿو، هڪڙي گهڙي ورهين جي مصيبتن کي ٻهاري اڇلائي سگهي ٿي. اسان رڳو هي سوچون ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجي هڪ گهڙي يا هڪ منٽ ڪنهن جي نااميديءَ کي ختم ڪري سگهي ٿو ۽ مونکي هڪ بهترين دوست ڏئي سگهي ٿو.

[b]ڪائنات ۾ اسان جي هن زندگيءَ جو وڏو ۽ اهم ڪردار آهي:
[/b]سائين منهنجا: هن ڪائنات ۾ اسان جي هن زندگيءَ جو وڏو ۽ اهم ڪردار آهي، ائين کڻي چئجي ته هي ڪائنات انسان جي وجود ڪري ئي پيدا ڪئي وئي آهي ۽ اها حقيقت به آهي. پر اها زندگي انسان واري زندگي آهي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي هن وجود کي صرف پنهنجي ذات لاءِ مخصوص نه ڪريون، پر ٻين جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پنهنجي زندگيءَ کي وقف ڪري هن دنيا ۽ انهن انسانن جا درد دور ڪريون، جن جي پهچ دردن جي دوا تائين ناهي، انهن جا ڳوڙها اگهون جن کان هن سماج اهي ڳوڙها وهايا آهن. انهن جو ساٿ ڏيون جن کي پنهنجا ئي اڪيلا ڪري ڇڏي ويا آهن ۽ انهن سان ئي محبت ڪريون، جيڪي محبت جا محتاج آهن. اهائي آهي زندگي، جنهن جي ڪري هيءَ حسين ڪائنات جوڙي ويئي آهي. اسان اهو سمجهون ٿا ۽ اهو به چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته، هن سماج ۾ اوچ نيچ جو هڪ غلط رواج قائم آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجي حيثيت کان گهٽ ماڻهن کي گهٽ نظر سان ڏسند ا آهيون ۽ پاڻ کان مٿي وارن ماڻهن جي ڪُڌن ڪرتوتن تي پردن مٿان پردا وجهي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ۾ مشغول هوندا آهيون. اهو اهڙوئي عمل آهي جنهن سان، اسان بجاءِ بهتريءَ جي انتهائي پستيءَ ڏانهن ڌڪبا ٿا وڃون ۽ پنهنجي ان لڪل ويريءَ کي به نٿا سڃاڻون

[b]ڏکن پٺيان سکن اچڻ جي آس:
[/b]سائين منهنجا: ڏکن پٺيان سکن اچڻ جي آس، انسان کي زندهه رهڻ جو سامان مهيا ڪري ٿي. سکن جا سؤ سال به هڪ منٽ جيان گذري ويندا آهن، جڏهن ته ڏکن جو هڪ منٽ به ورهين جيان لڳندو آهي. انسان پنهنجي وس آهر سڀ حيلا استعمال ڪري ٿو ته جيئن ڏکن جي اها گهڙي يا ساعت جلد ختم ٿي وڃي. اميد جا روشن ڏيئا ٻارڻ ۽ خوشين جا لاڀائتا خواب ڏسڻ ته انسان جي سڀ کان وڏي ڪرت آهي، جيئڻ جا جتن جي آجپو ڏين ته مسرتن ڏانهن وڌيڪ جهول جهلجي، آرزوئن ۽ اميدن کي ڇڏي صرف جيئڻ ئي جنهن معاشري ۾ جنجال هجي، اتي اميدن جا ڏيئا روشن ڪرڻ به ڄڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، پر وري به همت نه هارجي ۽ پنهنجي جستجو ۽ جدوجهد کي جاري رکڻ گهرجي. گذريل ڪيترن سالن کان سنڌڙي ويچاري جن ڀوڳنائن ۾ پيڙجي پئي، انهن اهنجن ۽ ايذائن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. سنڌ ۾ غريب ويچارو غريب تر ٿيندو ٿو وڃي ۽ اميرن کي ڪو لهر نه لوڏو آهي. هاريءَ لاءِ ته رئيس ئي ڪافي آهي پر مزدورن جي ٿيندڙ حق تلفين جو الزام ڪنهن تي ڏجي؟ ڪيتريون اميدون انسان پنهنجي اندر ۾ سانڍي، اها آس لڳائي ويٺو آهي ته هنن جي دردن جو درمان ٿيندو، بک بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جو ڪو انت ايندو ۽ سکن جو ڪو نئون سج اڀرندو.

[b]اسان نئون نسل علم جي اصل مفهوم کان بي خبر آهي:
[/b] محترم سامعين: پڙهيل لکيل نسل نه رڳو ڪنهن به قوم ۽ ملڪ جو مسقبل هوندو آهي پر اهو نسل قوم ۽ ملڪ جي سڃاڻپ پڻ هوندو آهي.افسوس! جو سنڌ جو نئون نسل “علم” جي اصل مفهوم کان بيخبر آهي. خاص ڪري وڏن شهرن ۾ پڙهندڙ ۽ رهندڙ نوجوان ڳوٺ جي اٻوجهه ۽ مسڪينن کي ماڻهو ئي ناهن سمجهندا. جيڪڏهن ڪو وڏي ڄمار وارو انهن کان ڪا ڳالهه پڇندو ته هو ان کي سڌي منهن جواب نه ڏيندا ۽ نه ئي ان جي ڳالهه غور سان ٻڌندا. اڄ جو نوجوان زندگيءَ جا اهم مسئلا پنهنجي منهن حل ڪرڻ گهري ٿو، هن جي وڏي ۾ وڏي ڪوشش هيءَ هوندي آهي ته منهنجي معاملن کان والدين اڻ واقف رهن ته سٺو آهي. اهڙن مامرن ۾ پسند جي پرڻن جو رجحان وڌيو آهي، نوجوانن پاران کنيل اهڙن قدمن جا سور وري به بيخبر والدين کي ڀوڳڻا ٿا پون ۽ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اهڙا فيصلا اڳتي هلي نوجوانن کي ڳچيءَ ۾ پيا آهن. بزرگن جو احترام اسان جي فرضن ۾ شامل آهي. اهڙو حڪم الله تعاليٰ طرفان به ڪيل آهي ته “ مائٽن جو چوڻ نه وٺندڙ ۽ کين ناراض ڪندڙ هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ناهن ٿيندا. ” اعليٰ تعليم اهو هرگز نٿي سيکاري ته ماڻهو پڙهي پوءِ پنهنجي ماضي ۽ وڏن کان نفرت ڪرڻ شروع ڪري

[b]سموري سنڌي قوم ٽن قبيلن تي مشتمل آهي:
[/b]محترم سائين: ڊگهي ۽ وسيع سوچ رکندڙ سنڌ جي اهڙن ماڻهن کي ان وقت ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو يا ڪنهن اخبار ۾ ڪنهن به ذات برادريءَ کي قوم چيو يا لکيو وڃي ٿو. اسين سنڌ جا جيڪي به رهواسي آهيون، اهي مختلف ذاتين طور سڃاتا وڃون ٿا، باقي سموري سنڌي قوم ٽن قبيلن تي مشتمل آهي. سماٽ، بلوچ ۽ دراوڙ نسل جڏهن هن ڌرتيءَ جو حصو بڻيا، تڏهن سنڌي قوم ٺهي، باقي اسان جون ذاتيون آهن نه ڪي قومون. اسان جا ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو به پنهنجي ذات کي قوم چوندا آهن. اهڙو عمل سنڌي قوم کي هزارين ٽڪرن ۾ ورهائڻ وارو عمل آهي. جنهن جو مطلب هي ٿيو ته سنڌ ۾ جيتريون به ذاتيون آهن، اهي سڀ قومون آهن؟ اهو اڻ پڙهيلن جو دستور آهي، جنهن کي ڪڏهن به قبول نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته قوم جي سڃاڻپ هي آهي ته ان کي پنهنجي ڌرتي هجي، پنهنجي تاريخ، پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي تهذيب هجي. اهي وصفون صرف سنڌي قوم ۾ آهن نه ڪي ڪنهن ذات يا برادريءَ ۾. ان لاءِ اسان کي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ پاڻ کي ذات جي ڪوڙڪي مان نڪري، پنهنجي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي نه ڪي ڪنهن مخصوص گروهه کي هٿي ڏياري پنهنجي قوم کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ گهرجي.

[b]احساس بنا انسان اڌورو آهي:
[/b]محترم سامعين: احساس انسانذات کي محبت ارپيندڙ لفظ آهي. احساس جو ٻيو مطلب آهي ته ميويدار وڻ جو اهو ٻوٽو جنهن کي پيار جو پاڻي ڏئي، سڪ جي سار سنڀال ڪري وڻ ڪيو وڃي ٿو. تئين اسان احساس کي زبان جي لفظن سان پاڻي ڏئي ادب ۽ احترام جي سار سنڀال لهي محبت پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو ميويدار ۽ ڇانوَ وارو وڻ بڻائي ڇڏيون، ته جيئن ان وڻ تي سڪ جا پکي تنوارون ڪري، محبت جو پيغام پوري دنيا کي ٻڌائين، ته احساس بنا انسان اڌورو آهي. جنهن جي دل ۾ احساس ناهي، اهو رڃ جو راهي آهي، جتي سواءِ دوکي جي ٻيو ڪجهه به حاصل ناهي ٿيندو. احساس هر تڪليف ۽ ڏک جو منهن ٽوڙ جواب آهي.احساس جي رسيءَ کي محبت جي هٿن سان مضبوطيءَ سان جهلي نفرت جي پاڙ پٽڻ کپي. اچو ته سڀ گڏجي احساس جي پوئيواري ڪريون ته جيئن محبت جو ترانو پوري دنيا کي ٻڌائي سگهون.

[b]عيد جي بهاني عام ماڻهوءَ جي ابتي کل لاهڻ وارا واپاري:
[/b]سائين منهنجا: اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، تنهن سماج ۾ ماڻهو، ماڻهوءَ جي احساسن جو احساس گهٽ ٿي رهيو آهي. ان جا ڪيئي مثال هر ڪنهن وٽ موجود آهن. اسان ايترا ته بي حس ٿي ويا آهيون جو سواءِ پنهنجي مفاد جي ٻيو ڪو به رستو نطر نٿو اچي، اسان جي هاڻي هر وقت اها ڪوشش رهي آهي ته ڪنهن به طرح اسان جا جائز ۽ ناجائز مطلب ۽ مقصد پورا ٿين، پوءِ کڻي انهن جي حاصلات لاءِ ڪنهن جو ڳلو ڇو نه گُهٽڻو پوي، شل نه ڪو عيد براد جهڙو ڪو وڏو اچي پوءِ ته واپاري ۽ دوڪاندار، سبزي وارا، گوشت وارا ۽ مڇيءَ وارا عيد جي بهاني عام ماڻهوءَ جي ابتي کل لاهڻ ۾ ڪسر ناهن ڇڏيندا. جي انهن کان وڌيڪ اگهه وٺڻ بابت معلوم ڪبو ته چوندا “سائين عيد آهي، انڪري اگهه مٿي آهي” ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اهي واپاري حضرات اهو نٿا چاهين ته ڪو غريب غربو عيد جي ڏينهن، ڪو چڱو چوکو کائي! هجڻ ته هيئن گهرجي ته اهڙن ڏينهن تي اسان جا واپاري عام ماڻهن لاءِ رعايت جي هوڪا حقيقي معنيٰ ۾ عوام کي ڪو فائدو ملي سگهي.