مختلف موضوع

ايءُ عشقَ جو آواز

جبار “آزاد” منگيءَ جو هيءَ ڪتاب “ايءُ عشقَ جو آواز” ڇهون ڪتاب آهي، جڏهن ته ريديو اسڪرپٽ جو سندس هي ٻيون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن کي بڻياد بڻائي ڪمپيئرنگ ته شامل ڪئي ويئي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا به، ”جيڪي منجھ جهان“ جي موضوع سان شامل ڪئي ويئي آهي ته سنڌ بابت معلومات به آهي، عام معلومات به آهي ته لطيف سائينءَ جا بيت به ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. هن ڪتاب ۾ عالمي ڏينهن جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي ويئي آهي.

Title Cover of book Eeu Ishq Jo Awaz

ڊسمبر

[b]1 ــ ڊسمبر:ايڊز جي بچاءَ جو عالمي ڏينهن:
[/b]سموري دنيا ۾ ايڊز کان بچاءَ جو ڏينهن پهرين ڊسمبر تي ملهايو وڃي ٿو.ايڊز جو عالمي ڏينهن دنيا ۾ پهريون ڀيرو سن 1987ع ۾ ملهايو ويو.صحت جي عالمي اداري جي انگن اکرن موجب دنيا ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ايڇ آءِ وي ايڊز جي وائرس جو شڪار آهن.جن ۾ ٻن ملين کان به وڌيڪ ٻار به ايڊز جي مرض ۾ ورتل آهن.حياتياتي ماهرن مطابق ايڊز جي بيماري جو سبب هڪ وائرس آهي،جنهن کي “ايڇ آءِ وي” جو نالو ڏنو ويو آهي.اهو وائرس مڪمل “پيراسائيٽ” آهي،جنهن جو مطلب آهي،ٻين جي زندگيءَ تي مدار رکندڙ وائرس.

[b]3 ــ ڊسمبر: معذورن جي عالمي ڏينهن:
[/b]اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ گڏيل قومن جي طرفان ملهائجندڙ معذورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي انهن خصوصي فردن ۾ معذوري ڳولڻ بدران سندن قابليتون ڳوليون وڃن، هڪ اندازي موجب مختلف معذورين وارا هڪ ارب ماڻهو هن ڌرتي جي گولي تي رهن ٿا ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کين انساني ترقي ۾ برابر جو حصيدار بنائڻ لاءِ کين انسان طور سماج جي سمورن شعبن سان ڳنڍڻ گھرجي،گڏيل قومن پاران هر سال 3 ڊسمبر تي معذور ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد معذورن بابت شعور آگاهي ڦهلائڻ، انهن جي حقن جو تحفظ ۽ انهن کي خودمختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي .

[b]5 ــ ڊسمبر رضاڪارن جو عالمي ڏينهن:
[/b]جيڪو شخص بنا ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ معاوضي جي ڪنهن انسان يا سماج جي خدمت ڪري ٿو، تنهن کي اسين رضاڪار چئون ٿا. پنهنجي دل ۾ ڏکايل انسانن جو درد رکندڙ رضاڪارن جو بين الاقوامي ڏينهن هر سال 5 ڊسمبر تي گڏيل قوم جي اعلان موجب 1985ع کان ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن ملهائڻ ڪري رضاڪار تنظيمن ۽ انفرادي رضاڪارن جي سهڪار کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي، پوءِ اهو مقامي، قومي يا بين الاقومي سطح تي ڀلي ڇو نه هجي! رضاڪارن جو عالمي ڏينهن غير سرڪاري تنظيمن، هلالِ احمر، اسڪائوٽ تحريڪ ۽ ٻين تنظيمن پاران ملهايو ويندو آهي، جنهن کي گڏيل قومن جي رضاڪارن جي پڻ حمايت به حاصل آهي.

[b]7 ــ ڊسمبر شهري هوا بازيءَ جو عالمي ڏينهن:
[/b]شهري هوا بازيءَ جو عالمي ڏهاڙو (انگريزي: International Civil Aviation Day) اقوامِ متحده جي خصوصي اداري “ عالمي شهري هوا بازي تنظيم” جي سهڪار سان هر سال پوري دنيا ۾ 7 ڊسمبر تي ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن ملهائڻ جي شروعات عالمي شهري هوا بازي تنظيم جي پنجاهين سالگرھ جي موقعي تي سن 1994ع ۾ ٿي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ سال 1996ع ۾ پنهنجي 51 هين سيشن جي ايجنڊا جي اسم نمبر 162 جي قرداد نمبر 51/33 وسيلي هر سال هن ڏينهن ملهائڻ جي منظوري ڏني ويئي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سموري دنيا ۾ شهري هوابازيءَ جي اهميت ۽ ان جي قانونن بابت عوام ۾ سجاڳي آڻڻ آهي.

[b]9 ــ ڊسمبر بدعنواني، جعلسازي ۽ ٺڳيءَ کي روڪڻ وارو عالمي ڏينهن:
[/b]بدعنواني، جعلسازي ۽ ٺڳيءَ کي روڪڻ وارو عالمي ڏينهن (انٽر نيشنل اينٽي ڪرپشن ڊي / International Anti-Corruption Day) هر سال 9 ڊسمبر تي پوري دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته ملڪن ۾ ڪرپشن ۽ ناانصافي کي ختم ڪري ۽ هر ڪم ميرٽ مطابق هلائي عوام اندر وڌندڙ مايوسي ۽ نا اميديءَ کي ختم ڪري ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي يقيني بڻايو وڃي. ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه هجڻ گهرجي. ڪرپشن اسانجي معاشري جو حصو بڻجي وئي آهي، والدين، استاد، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي بدعنواني، جعلسازي ۽ ٺڳيءَ خلاف تحريڪ هلائڻ گهرجي.

[b]10 ــ ڊسمبر:انساني حقن جو عالمي ڏينهن:
[/b]انساني حقن جي عالمي منشور جي منظوري جي سالگرھ واري ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ هر سال هن تاريخ تي سموري دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.جنرل اسيمبليءَ پاران هن منشور جي منظوري 10 ڊسمبر 1948ع ۾ ڏني ويئي.سن 1950ع ۾ جنرل اسيمبليءَ سڀني ميمبر ملڪن ۽ واسطيدار ادارن کي دعوت ڏني ته اهي هن ڏينهن کي “انساني حقن جو عالمي ڏينهن” ڪري ملهائين ته جيئن انساني حقن کان بي خبر ماڻهن تائين اهو پيغام پهچي ته هر انسان جا بنيادي حق ڪهڙا آهن.

[b]11 ــ ڊسمبر جبلن جو عالمي ڏينهن:
[/b](انگريزي:Mountain Day) پاڪستان سميت دنيا ۾ هر سال 11 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي. جبلن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات 11 ڊسمبر 2002ع ڪئي وئي ۽ هن ڏينهن ملهائيندي، دنيا ۾ جبلن جي حالت کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن جي قدرتي ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ خاص قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ويندو آهي.
پاڪستان لاءِ هيءَ ڳالهه فخر لائق آهي ته دنيا جي ٻين اوچي چوٽي ڪي ٽو (8611 ميٽر) ۽ نائين بلند بالا چوٽي نانگا پربت ( 8126 ميٽر) سميت اٺ هزار ميٽرن کان مٿي بلند بالا 14 چوٽين منجهان پنج چوٽيون پاڪستان ۾ آهن. عالمي سطح تي هر سال 5 ڪروڙن کان مٿي سياح جابلو علائقن ڏانهن رخ رکن ٿا. جنهن ڪري پهاڙن علائقن ۾ وڌندڙ گدلاڻ هڪ مسئلو بڻجي ٿي. هن عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد جبلن جي قدرتي حسن کي قائم رکڻ واري عمل کي اجاگر ڪرڻ آهي.

[b]18 ــ ڊسمبر مهاجرن جو عالمي ڏينهن:
[/b]دنيا جي ڪنهن به خطي يا ملڪ ان ڪنهن به مسئلي سبب لڏ پلاڻ ڪري ڪنهن ٻئي ملڪ يا خطي ۾ عارضي بنياد تي پناھ وٺندڙ يعني جن کي پنهنجي ڌرتي ناهي هوندي، تن کي مهاجر سڏيو ويندو آهي. مهاجرن جو عالمي ڏينهن ( International Migrants Day)
هن ڏينهن کي ملهائڻ جي شروعات فلپائني مهاجرن ۽ ٻين ايشيائي مهاجر تنظيمن پاران 1977ع ڪئي ويئي. اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ 4 ڊسمبر 2000ع جي قرارداد نمبر 93/55 وسيلي هر سال هن ڏينهن کي ملهائڻ منظور ڪري ورتو. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد دنيا ۾ رهندڙ مهاجرن جر حفاظت، بنيادي حقن، انهن سان انساني همدريءَ وارو ورتاءُ ڪرڻ واري شعور کي جاڳائڻو آهي.