پنهنجي پاران
منهنجي شاعري جو ڪارڻ سونهن ۽ ڌرتيءَ جو عشق رهيو آهي. شاعري پنهنجن ننڍڙي ننڍڙي خواهشن، پيڙائن ۽ پڇتائن سان گڏ محڪوم ، محروم ۽ پيڙهيل سماج جي دکن، دردن ، احساسن کي جيءَ سان جيءُ ملايو اٿم. جڏهن به ڌرتي تي ڏکيا ڏينهن آيا آهن ان وقت منهنجو قلم بي وسي جو رت ڳاڙيندي ڪجهه لکڻ تي مجبور ڪندو آهي، شاعري هجي يا ڪهاڻي يا ڪالم منهنجي اندر ۾ مانڌاڻ تڏهن مچندي آهي جڏهن هن ڌرتي جا وارث هوندي به مالڪي جي حق کان محروم ٿيندا ٿا وڃن، جڏهن ڪنهن هاريءَ کي وڏيري جي ظلم کان سڄي سال جي پورهئي مان حاصل ڪيل محنت جي ڪمائي کان محروم ڪيو ويندو آهي، جڏهن ڪنهن قومپرست ساٿيءَ کي بي گناهه ماريو ۽ پوءِ ساڙي ڪنهن روڊ جي پاسي تي اڇلايو ويندو آهي يا وري ڪا وينگس پريم جو ٻليدان ٿي سماجي روايتن جي چکيا تي بندوق جي گوليءَ جو نشانو بڻجي ويندي آهي اهڙيون نفرت انگيز وارتائون منهنجي ضمير ۽ ذهن کي جهنجهوڙي ڇڏينديون آهن مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي انهن حادثن ۽ واقعن جي پيداوار آهي نااميد ناهيون نيٺ آسمان تي محرومين ۽ مونجهارن جا ڇانيل ڪارا ڪڪر هٽي ويندا ۽ هن ڌرتيءَ تي اهڙو سماج اڏبو جنهن سان اسان سڀ ڌرتي واسي آزاديءَ سان ساهه کڻنداسين.
منهنجي ڪچي ڦڪي شاعري منهنجي اندر جو احساس آهي جنهن کي پنن تي آندو اٿم، فني لحاظ کان کوڙ سارا جهول موجود هوندا جنهن جي اصلاح ڪرڻ پڙهندڙ دوستن جو مون مٿان احسان هوندو.
بشير منگي
03332927374