مونکي توسان وڙهڻو آهي
ڌرتيءَ خاطر مرڻو آهي
تون جو سياڻو دشمن آهين
تون جو پاپي رهزن آهين
صدين کان ٿو ڦرين اسان کي
صدين کان ٿو لٽين اسانکي
وک وک تي تون ويل ڪرين ٿو
وک وک تي واسينگ ڇڏين ٿو
ٿو هر هر مونکي ڏنگ هڻين
هر هر پيو ٿو سنگ هڻين
جنهن ۾ چڪنا چور ٿيو آن
تون جو مونکان زور ٿيو آن
تنهنجي اندر ظالم رهي ٿو
مٿو نه تنهنجو سالم رهي ٿو
اسان جي مڻيا ويٺين ڦٻائي
مسڪينن کي هيٺان دٻائي
نيٺ ته مونکي وارو ڏيندين
چانور مان تون ڏارو ٿيندين
توسان هرگز وڙهندو ايندس
تنهنجي آڻ مور نه مڃيندس
ڀل جا مونکي دشمن ڏاڙهين
ڀل جا مونکي ڦاهيءَ چاڙهين
موت کان پوءِ به ورڻو مونکي
منهنجي ماءُ چيو آ مونکي
پٽڙا توکي هٽڻو ناهي
تنها قوم کي ڪرڻو ناهي
منهنجي ٿڃ جو پيتي تو آ
تنهن ۾ جذبو غيرت جو آ
ماتا سامهون وچن ڪيو آ
سر تي پنهنجي ڪفن ٻڌو آ
هاري ناري گڏ ڪيان ٿو
پنهنجن کي گڏ ساڻ کڻان ٿو
هاڻي دشمن تون به ٻڌي ڇڏ
ڀل جا بند سڀئي ٻڌي ڇڏ
مون جو ڪر کنيو آ هاڻي
ڪڏهن به ناهي جهڪڻو هاڻي
مونکي توسان وڙهڻو آهي
۽ ڌرتيءَ خاطر وڙهڻو آهي