ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ٻاويهه سئو ٻاويهه“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب نامياري سياستدان۽ ھاري ھلچل جي سرگرم اڳواڻ قاضي فيض محمد جو لکيل سائنسي فڪشن تي مشتمل ناول آھي جنھن ۾ هن اهو رقم ڪيو آهي ته دنيا 2222ع ۾ ڪيئن هوندي.
ھن ناول جي خاص ڳالھه اھا اھي تہ ان ۾ سائنسي ايجادن ۽ ترقيءَ کي ذھن ۾ رکندي مستقبل جو ھڪ سماجي ڍانچو تشڪيل ڏنو ويو اھي. سنڌ ۾ اهو پهريون ناول آهي، جيڪو مستقل بيني کي متعارف ڪرائي ٿو ۽ سنڌ ۾ مستقل بيني کي قاضي صاحب هن ناول ”2222“ جي ذريعي متعارف ڪرايو. ناول جو جائزو وٺندي محترم محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”هن ناول ۾ قاضي صاحب پنهنجي پياري وطن ۽ ان جي غريب ماورئڙن جي بهتر مستقبل جو خواب بيان ڪيو آهي. قاضي صاحب جو هي خواب سڄي انسان ذات جي بهتر مستقبل جو خواب آهي.“
ھي ڪتاب 1979ع ۾ سنڌي ادبين جي سھڪاري سنگت، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون ”وتايي جي گهر“ ۽ ”پڙھندڙ نسل (پَن)“ جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ