ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”سونھن وِرونھن“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب نامياري شاعر مير عبدالرسول مير جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
”سونهن ورونهن“ ۾ مير صاحب جا 124 بيت، 21 وايون، 43 ڪافيون، 52 غزل، 10 گيت، 47 ننڍا وڏا نظم، ۽ 50 ٽه سٽا ۽ چئوسٽا شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي. امداد حسيني هن تفصيلي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”مير عبدالرسول ” مير “ هڪ شاعر آهي جنهن کي لقب، القاب جي ڪا به لوڙهه نه آهي. ” مير “ هڪ منو ٿي پڙهڻ / ٻڌڻ جھڙو شاعر آهي.“
ھي ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون راشد پريميءَ جا جنھن ڪيم اسڪينر ذريعي ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ ٺاھيو ۽ مھربانيون سائين وسيم سومري جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ