ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ٽيون وجود“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، ناول نگار ۽ ڪالم نگار امر جليل جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. هي ڪتاب ڪيئي دفعا ڇپيو آهي ۽ هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون پنهنجي دور جون لازوال ڪهاڻيون آهن جهڙوڪ، منهنجو پُٽ مهدي، پنجين موسم، ٽيون وجود ۽ ٻيون ڪهاڻيون.
منهنجو پُٽ مهدي جي هڪ ڊائلاگ ۾ هڪ هنڌ امر جليل لکي ٿو:
”مهدي منهنجي ٻانهن ۾ ڦٿڪيو، وسامندڙ اکيون منهنجي اکين ۾ وجهي ڇڏيائين. مون پنهنجو منهن سندس ننڍڙي سيني تي آهستي رکيو. سندس ساهه جو ابابيل هڏڙين جي قفس مان اڏامڻ لاءِ پرڙا هڻي رهيو هو. مهديءَ ٻڏندڙ آواز ۾ ڇيو، ”مون کي پگهر جو پورهيو کاراءِ. بابا، خيرات جو ڀَتُ کائيندس ته اڦٽ مري ويندس“.
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 1998ع ۾ ڇپيل پنجين ڇاپي جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ