ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”گانڌيءَ جو قتل“ اوھان اڳيان پيش آهي. جسٽس جي. ڊي کوسلا جي لکيل ھن ڪتاب جو سنڌيڪار خالد چانڊيو آھي.
ھي ڪتاب ھندستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جي. ڊي کوسلا جي ڪتاب ”گانڌيءَ جو قتل ۽ ٻيا ڪيس“ تان ورتو ويو آھي. مھاتما گانڌي عدم تشدد واري نظريي جو پرچارڪ ھيو. مھاتما گانڌيءَ جيڪي اصول ڏنا آھن انھن جو بنياد محبت تي ھيو، ھو مذھبي ماڻھو ھيو پر سندس مذھب روح جي پاڪائي ۽ انسانن جي ڀلائيءَ وارو ھيو. ھن اھڙي سماج جا خواب ڏٺا جنھن جو بنياد پيار ۽ محبت تي ھجي. مھاتما گانڌي کي ھڪ فرقي پرست ۽ ڀائيچاري واري سياست جي ڪٽر مخالف پونا جي ھڪ برھمڻ نٿو رام گاڊسي کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو.
ھي ڪتاب موھن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو پاران 2001ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون استاد خالد چانڊيو جا جنھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ