ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ڀيرومل مھر چند جي جيون ڪٿا“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو ليکڪ ۽ محقق ھيرو ٺڪر آھي.
ڀيرو مل مھر چند سنڌي ٻوليءَ جي انھن چند ساڃاھ وند عالمن مان ھو، جن ادب سان گڏ ٻين علمن ۾ پڻ بنيادي ڪم ڪيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو مشھور عالم، اديب ۽ تاريخدان ھو، جنھن جي ڳڻپ جديد سنڌي نثر جي معمارن ۾ ڪئي وڃي ٿي. سندس جيون ڪٿا پڙھڻ سان سنڌي ادب جي واڌ ويجه، خاص ڪري انگريز دور بابت باخبر ٿيون ٿا. ان کان سواءِ ان دور جي تضادن، تحريڪن ۽ رجحانن بابت پڻ ڄاڻ ملي ٿي.
ھي ڪتاب فيونڪس بوڪس، حيدرآباد پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ