ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند سنڌ جي نامياري ڪھاڻيڪار ۽ اديب اَي جَي اُتم جي ڏھن ڪھاڻين جو مجموعو ”ھو جھان – ھي من“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھن ڪتاب ۾ 50 جي ڏھاڪي کان 80 جي ڏھاڪي تائين جون ڪھاڻيون شامل آھن، جيڪي ڪافي دفعا ھند ۽ سنڌ ۾ وري وري ڇپيون آھن. ڪي ڪھاڻيون ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿيون آھن. ڪي ڪھاڻيون سماجڪ، ڪي ورھاڱي جي درد، سنڌيت ۽ ڪي برابري، ڀائپي، آزادي ۽ ايڪتا جي جذبن جا چتر آھن. ڪن ۾ مذاق ۽ طنز بہ آھي، پر سڀني ۾ ڪھاڻي ڪلا جو انگ ۽ سھڻي سپڪ ٻولي ۽ نجي عبارت بہ آھي.
ھي ڪتاب 1991ع ۾ نئين دنيا پبلشرس بمبئيءَ پاران ڇپايو ويو. ھي ڪتاب محترمہ آشا چاند جي اجازت سان اي جي اُتم جي نالي سان جوڙيل ويب سائيٽ تان کنيو ويو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ