ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند سنڌ جي نامياري ڪھاڻيڪار ۽ اديب اَي جَي اُتم جي ڪھاڻين جو مجموعو ”ڪشمڪش“ اوھان اڳيان پيش آهي.
اي جي اتم سنڌي ٻولي ۽ ادب جو ناميارو نالو آهي، هي سنڌ جي ترقي پسند اديبن جي پهرين صف ۾ شمار ٿئي ٿو. اُتم گڏيل هندوستان واري دور ۾ آزاديءَ جي هلچل دوران جيل به ڪاٽيو، هي سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم. سيد، ڪرشن کٽواڻيءَ ۽ ٻين جو ساٿي رهيو. ھي ڪتاب اي جي اُتم جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو آھي جنھن جا ٽي ڇاپا (گجراتيءَ سميت) ڇپيا.
ھي ڪتاب 1971ع ۾ نئين دنيا پبلشرس بمبئيءَ پاران ڇپايو ويو. ھي ڪتاب محترمہ آشا چاند جي اجازت سان اي جي اُتم جي نالي سان جوڙيل ويب سائيٽ تان کنيو ويو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ