ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند سنڌ جي نامياري ڪھاڻيڪار ۽ اديب اَي جَي اُتم جو لکيل سوانحي ڪتاب ”ليکراج عزيز: فن ۽ شخصيت“ اوھان اڳيان پيش آهي.
سنڌي نثر ۽ نظم ۾ ليکراج عزيز هڪ يگاني هستي هو. هن سنڌي نثر توڙي نظم ۾ پاڻ ملهايو ۽ انهن ٻنهي صنفن ۾ هن وڏي عزت ۽شهرت حاصل ڪئي. ليکراج عزيز اڌ صدي تائين سنڌي ادب تي ڇانيل رهيو ۽ ان کي مالا مال ڪندو رهيو. اي جي اتم، ليکراج عزيز جي فن ۽ شخصيت تي بھترين سوانحي ڪتاب لکيو آھي.
ھي ڪتاب 1985ع ۾ ساھتيہ اڪيڊمي نئين دھلي پاران ڇپايو ويو. ھي ڪتاب محترمہ آشا چاند جي اجازت سان اي جي اُتم جي نالي سان جوڙيل ويب سائيٽ تان کنيو ويو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ