ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند سنڌ جي نامياري ڪھاڻيڪار ۽ اديب اَي جَي اُتم جو لکيل سوانحي ڪتاب ”منگهارام ملڪاڻي: فن ۽ شخصيت“ اوھان اڳيان پيش آهي.
منگهارام ملڪاڻيءَ جي علمي، ادبي ۽ خاص طور تي ناٽڪن سان دلچسپي ھئي. منگهارام ملڪاڻي جديد سنڌي ناٽڪ جي ان داتا هئڻ سان گڏ هڪ برک نقاد ادبي تاريخ نويس پڻ هو. هن 1940ع واري زماني ۾ جدا جدا سنڌي رسالن ۾ نثر جي ڌار ڌار صنفن تي ڪيترائي ليک لکيا، جن ۾ انهن صنفن جي ترقي جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو ورتل هو. اي جي اتم، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي فن ۽ شخصيت تي بھترين سوانحي ڪتاب لکيو آھي.
ھي ڪتاب 1985ع ۾ ساھتيہ اڪيڊمي نئين دھلي پاران ڇپايو ويو. ھي ڪتاب محترمہ آشا چاند جي اجازت سان اي جي اُتم جي نالي سان جوڙيل ويب سائيٽ تان کنيو ويو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ