ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھند سنڌ جي نامياري ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي جي آتم ڪٿا جو ڪتاب ”ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ مها ديش ڀڳت سنڌي، ترقي پسند اديب، برطانوي سامراج خلاف وڙهندڙ هڪ بهادر شاگرد، سنڌ کي ڪڏهن به نه ڇڏڻ جو وچن ڪندڙ، گرفتار ڪري زوري جلاوطن ڪيو ويندڙ وطن دوست ليکڪ، هند ۾ سنڌيت جي هلچل جو هڪ اهم اڳواڻ، ورهاڱي کي ساهه جي آخري هڏڪيءَ تائين نه قبوليندڙ ذهين شخص، هند جي سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سموري حياتي قربان ڪندڙ شخصيت ھيو.
ھي آتم ڪٿا سنڌي ٽائيمز جي سرواڻ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ 1997ع ۾ چئن جُلدن ۾ ڇپائي پڌري ڪئي. ٻيھر ھڪ ئي جُلد ۾ ھي ڪتاب 2003ع سنڌ پرچار پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ