ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خوبصورت شاعر رضا بخاري جو شعري مجموعو هوا جي بانسري دوستن اڳيان پيش ڪجي ٿو۔مھاڳ ۾ عادل عباسي لکي ٿو:
”رضا بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ڪمال جي crafting آھي. لفظن کي ايئن گهڙڻ جيئن رضا گهڙيو آھي ڪو سولو ڪم ناھي اھو ڪو ڪاريگر ئي ڪري سگهي ٿو. ھن غزلن ۾ ننڍڙا، سادا ۽ سليس وزن استعمال ڪيا آھن. ننڍي وزن وارا غزل ئي رضا جي سڃاڻپ ۽ انفراديت ٿي ويا آھن. رضا جي شاعريءَ ۾ اظھار جو نئون ۽ نرالو انداز آھي. ھن وٽ خيالن کي بيان ڪرڻ ۽ احساسن کي چِٽڻ جو ھڪ الڳ اسلوب ۽ ڌار اسٽائيل آھي.“
هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2006ع ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو جڏهن ته نيٽ ايڊيشن محترم دوست عباس ڪوريجو جي محنتن جو نتيجو آهي۔ اسين ٿورائتا آهيون رضا بخاري جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني ۽ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني۔​


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ