ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر محبوب شيخ جو سفرنامو ”ميھڙ کان ماسڪو“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڊاڪٽر محبوب شيخ 1979ع ۾ روس ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو ھو ۽ 1983ع ۾ واپس پاڪستان آيو ھو. ان وقت جي روس ۽ حالتن تي لکيل سفرنامو آھي. سفرنامي ۾ تاريخي حوالا بہ ڏنل آھن تہ ليکڪ پنھنجا مشاھدا ۽ تجربا پڻ لکيا آھن. ھن روس جي واقعن، کي اڀاريو آھي ۽ ماڻھن جي سماجي زندگي، ريتن رسمن، وڻج واپار ۽ تھذيب کي پيش ڪيو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1996ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جڏھن تہ ٻيو ۽ سڌاريل ڇاپو پوپٽ پبلشنگ ھائوس خيرپور پاران 2011ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ