ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”چونڊ لوڪ سنڌي ڪھاڻيون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ فضل الرحمٰن ميمڻ آھي.
لوڪ ڪھاڻيون ڪنھن بہ ٻوليءَ جي لوڪ ادب جو اھم حصو ھونديون آھن. انھن جي ذريعي ان قوم جي نفسياتي ارتقا ۽ پھلوئن جي پرک ٿيندي آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي لوڪ داستانن، بادشاھن، وزيرن، بھادرن، ڏاھن، پرين، جنن ۽ جانورن بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراھيم جويي، ليلا رام رو چنداڻي، فضل الرحمٰن ميمڻ، غلام محمد شھواڻي ۽ شيخ اياز جون سھيڙيل سنڌي ٻوليءَ جون چونڊ لوڪ ڪھاڻيون شامل آھن.
ھي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2001ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ