ڪتاب جِي فھرست

ارپنا

آئون پنهنجو هي ادنيٰ پورهيو ارپيان ٿي جيون ساٿي امر جليل مگسي کي، جنهن زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي مونکي ڪڏهن اڪيلو نه ڇڏيو آهي ۽ سدائين هڪ بهترين دوست جيان اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائيندو رهيو آهي ۽ پنهنجي اولاد عائشه، پرهه، ثناءُالله ۽ ايليا جي نانءُ ڪريان ٿي. جن ۾ سدائين پاڻ کي ئي پسندي آهيان ۽ کين ڏسڻ سان دنيا جهان جا ڏک، ڏولاوا ۽ ٿڪ لهي پوندا آهن. اهي اولاد ھئڻ سان گڏوگڏ منهنجا سٺا دوست پڻ آهن.

ياسمين چانڊيو

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ