ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران فلسفي جو ڪتاب ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب اصل فرينچ ٻوليءَ ۾ ڇپيو هو ۽ اتان انگريزي ترجمو ٿيو ۽ انگريزي مان سنڌي ترجمو سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڪيو آهي
هِن ڪتاب جي موضوع جِي سڀني عوام دوست، حق شناس، سرگرم ڪارڪنن لاءِ وڏي اهميت آهي. جڏهن ”فلسفي“ جو لفظ وٺجي ٿو تہ ڪارڪن، مزدور ۽ پورهيت اڪثر سوچين ٿا تہ هيءُ موضوع خيالي آهي، مٿانھين قسم جو آهي ۽ سندن مغز ۾ ويھڻ جھڙو نہ آهي؛ ۽ بهرحال اهڙو هڪ ڏکيو موضوع آهي، جو هو اُن ۾ ماهر ٿي ئي نٿا سگهن. هِن ڪتاب ۾ آيل فلسفي جو هيءُ ابتدائي ڪورس، جنھن لاءِ اسين فرانس جي ساٿين جا احسانمند آهيون، اسان جي آسٽريليائي اڳواڻ ڪارڪنن لاءِ هڪ ثابتي آهي تہ جيتوڻيڪ مشڪلاتون آهن، پر اُهي ڪنھن ڪارڪن کي فلسفي جي علمي اصولن جي سمجهڻ کان ۽ اُنھن ۾ قابل ٿيڻ کان هروڀرو روڪي نٿيون سگهن. خاص طرح توجهه لائق ڳالهه هيءَ آهي تہ جدلياتي ۽ تاريخي ماديت مارڪسي فلسفي جا ترڪيبي عنصر آهن.
ھي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 1985ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ