ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ”موھن ڪلپنا“ جو لکيل ناول ”وشواس“ اوھان اڳيان پيش آھي. ناز سنائي لکي ٿو:
”موھن ڪلپنا جو ھي ناول رڳو شيکر، شيلا ۽ شاردا جي ڪھاڻي ناھي، پر ھيءَ ھڪ ليکڪ جي وشواس جي ڪھاڻي آھي. ھڪ آزاديءَ جي متوالي، قومي ڪارڪن جي پريم جي ڪھاڻي آھي، جيڪو وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ آھي. ھيءَ ڪھاڻي ان پريميءَ جي ڪھاڻي آھي، جنھن کي پريم جي بدلي شڪستون، نااميديون ۽ نراسائپ پلئہ پئي. .... ۽ ھا ھيءَ ڪھاڻي ان وقت جي ڪھاڻي آھي جڏھن موھن سنڌ ۾ رھندو ھو ۽ ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ پڙھندو ھو.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو سھڻي ڪتاب گهر بمبئي پاران 1959ع ۾ ھند ۾ ڇپيو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌي ساھت گهر حيدرآباد پاران 1987ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ