ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، شاعر ۽ ايڊيٽر ستار پيرزادي جو سھيڙيل ڪتاب ”ويا جي ھنگلور“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھن ڪتاب ۾ شيخ اياز بابت شاعرن، اديبن ۽ دانشورن جا مضمون ۽ مقالا شامل آھن.
شيخ اياز، ھن موجودہ دور ۾، ادب جي افق تي ڪھڙي ستاري جي جاءِ ماڻي ٿو ۽ شيخ اياز عالمي ادب ۾ ڪيتري جاءِ والاري ٿو، اھا پروڙ اوھان کي، ھن تي لکيل ھند ۽ سنڌ جي مڃيل اديبن، دانشورن ۽ شاعرن جي لکڻين مان پئجي سگهي ٿي. ڪتاب ۾ گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم، مھتاب محبوب، پوپٽي ھيرا ننداڻي، امداد حسيني، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، نند جويري، امر جليل، احمد سليم، تاجل بيوس، پرڀو وفا، غلام حسين رنگريز، موتي پرڪاش، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ممتاز مھر، ڊاڪٽر قاضي خادم، ارجن شاد، مدد علي سنڌي، اياز لطيف پليجو، ثميرہ زرين، ريٽا شاھاڻي، ملڪ نديم، انور فگار ھڪڙو ۽ امير علي چانڊيو جا مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ