ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، شاعر ۽ ڪمپيئر ياسر قاضيءَ جي ٻاراڻي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”لولو ڏنم ڪانوَ کي“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ٻارڙن لاءِ لکيل 36 نظمن تي مشتمل ھي ڪتاب ھڪ سوکڙيءَ طور سنڌ جي ٻارڙن کي ارپيو ويو آھي، جنھن ۾ موضوعن جي چونڊ کان وٺي اظھار جي انداز تائين، تخليقي توڙي ٽيڪنيڪي گهرجن جو خاص خيال رکيو ويو آھي. ھر نظم سان گڏ تصوير يا اسڪيچ پڻ شامل ڪيو ويو آھي. ياسر جي شاعريءَ ۾ مقصديت شامل آھي. ڪتاب جي ارپنا ٽن سالن جي ڪُرد شامي ٻالڪ آلان ڪُرديءَ جي نانءُ ڪيل آھي جنھن جو لاش 2 سيپٽمبر 2015ع تي ڏکڻ ترڪيءَ جي بورڊم نالي ساسونڊي ڪناري تي مليو ھو.
ھي ڪتاب سنڌڙي ڪتابي سلسلي، رتوديرو پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آھي، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون ياسر قاضيءَ جا جنھن ڪتاب جي اسڪين ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ