ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري قومپرست سياستدان، مفڪر، اديب ۽ ڏاھي سائين جي ايم سيد جو لکيل ڪتاب ”ديارِ دل ۽ داستانِ محبت“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنهن ۾ عشق، تصوف ۽ روحانيت تي پيرائتو بحث آهي..
سائين جي ايم سيد ھن ڪتاب بابت چيو تہ ”سياست تي لکيم تہ سزائون مليون، مذھب تي لکيم تہ ڪفر جون فتوائون مليون، ھاڻي محبت وارن مامرن تي لکڻ تي الائي ڪھڙو انعام ملندو.“ ڪتاب ڇهن بابن تي مشتمل آهي: (1) محبت جـي مـاهـيـت، (2) عـشـق مجازيءَ جـو ابتـدائـي دور، (3) مجـاز جـو سـن بلوغ، (4) مجازي عشق جي جواني، (5) مجاز جي پيري، (6) حقيقت جو انڪشاف.
هيءُ ڪتاب جي. ايم. سيد جي فڪري ارتقا جو مظھر آهي. ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ عشق جي مرحلن کي بيان ڪندي، مجاز ۽ عشق حقيقيءَ جون منزلون واضح ڪيون آهن. هن ڪتاب ۾ تصوف جي ڳوڙهن رازن کي بہ بيان ڪيو آهي ۽ روحانيت جي تشريح مفڪرانہ انداز ۾ ڪئي وئي آهي.
ھن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو جي ايم سيد اڪيڊمي پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ