ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي نامور اهل قلم شمس الدين بلبل جي شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو ”رئيس شمس الدين بلبل“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ شمس ابن ضياء ابن بلبل آھي.
مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
هي ڪتاب  پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو . ھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي ادي ثروت ابڙو جي سھڪار سان  پيش آھي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ