ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران علي اصغر اوٺي جو لکيل تحقيقي مقالو ”پروفيسر محبوب علي چنا سيوھاڻيءَ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو اڀياس“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. 
ھي مقالو اصل ۾ علي اصغر اوٺي جو ايم فل لاءِ لکيل مقالو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آھي. علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻيءَ جي سوانح حيات، شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت عرق ريزي ڪري ان جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو  آهي.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ سوچ پبليڪيشن، سيوھڻ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مير حاجن مير جا، جنھن ھِي ڪتاب سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رکڻ لاءِ سافٽ ڪاپيءَ ۾ ڏياري موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ