ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامور سياستدان، عالم ۽ جديد قومپرستيءَ جي باني جي ايم سيد جو لکيل ڪتاب ”جديد سياست جا نوَ رتن“  اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هِن ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد، برصغير جي نوَن (9) مکيہ سياسي رهنمائن ڊاڪٽر ايني بيسنت، مھاتما موهنداس ڪرمچند گانڌي، پنڊت جواهر لعل نھرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، سردار ولڀ ڀائي پٽيل، سر سيد احمد خان، مولانا محمد علي جوهر، علامہ شيخ محمد اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي شخصي زندگين، مذهبي، سياسي ڪردار ۽ سياسي نظرين جو غير جانبدرانہ ۽ تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل رهنمائن بابت سند وارو مواد شامل آهي.
پس لفظ ۾ جي. ايم. سيد لکيو آهي تہ: ”گذشتہ مني صديءَ ۾ هن برصغير ۾ سوين قومي ڪارڪن، مذهبي ۽ سماجي سڌارڪ ۽ سياستدان ٿي گذريا آهن، جن ملڪ ۽ ماڻھن جي خدمت ۾ عمريون صرف ڪري ڇڏيون ۽ ڪشٽ ڪاٽيا. ليڪن انھن سڀني ۾ هتي بيان ڪيل بزرگن جا ڪارناما خاص اهميت وارا آهن. انھن جي ئي سياسي نظرين، ڪارگذارين ۽ پاليسين، ملڪي سياست تي گهڻو اثر ڪيو ۽ اڄ تائين ملڪي سياست انھن جي ايجاد ڪيل سياسي نظرين ۽ عروج ڪيل پاليسين کان ٻاهر نڪري نہ سگهي آهي. انھن کي برصغير جي سياسي آسمان جا چمڪندڙ ستارا سڏجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو.“
هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو، جون 1967ع ۾ نور محمد پليجي، حيدري پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپائي، ٻني، سنڌ مان پڌرو ڪيو. هن ڪتاب تي ايوبي مارشل لا دوران بندش پئجي وئي. هن ڪتاب جا ٽي ڇاپا جي. ايم. سيد اڪيڊمي سن پاران 1984، 1992 ۽ 1997ع ۾ ڇپايا ويا. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ  جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ