ڪتاب جِي فھرست

ڇپائيندڙ پاران

اڻ کُٽ محنت، بيمثال تخليقي جوهر ۽ مطالعي توڙي مُشاهدي جي اڻاٺ سبب سنڌ جي ادبي ۽ علمي کيتر ۾ شاندار پيشقدميون ختم ته نه پر رُڪجي ضرور ويون آهن. تاريخ، فن، موسيقي ۽ ٻين رُخن ۾ جيڪا اڄ کان اڌ صدي اڳ عرق ريزي ڏسڻ ۾ آئي، سا اڄ تمام گهڻي گهٽجي چُڪي آهي. هاڻي ورلي ئي ڪا اهڙي تحقيقي (پر تفصيلي) تحرير پڙهڻ لاءِ ملي ٿي، جيڪا پڙهندڙ جي ڄاڻ توڻي فهم ۾ قدر جوڳو اضافو ڪري سگهي. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سڀني چاهيندڙن لاءِ اها صورتحال نهايت ڏکوئيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ آهي ۽ انهيءَ حالت منجهان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
ظاهر آهي ته نئين راهه ۽ سنئين رُخ تي هلڻ لاءِ پاڻ کي ڪجهه اهڙن ليکڪن، ڪتابن ۽ راهبرن جي ضرورت آهي، جيڪي سنڌ واسين جو زندگيءَ مان وڃايل ويساهه بحال ڪرڻ جو هُنر ڄاڻندا هُجن. ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو هيءُ ڪتاب ”قديم سنڌ“ هڪ اهڙي ئي ڪاوش آهي، جيڪا سنڌ واسين کي يقين ڏياري سگهي ٿي ته سندن تاريخ ۽ تهذيب دنيا جي گولي تي خاص قسم جي اهميت رکي ٿي. مان سمجهان ٿو ته انهيءَ يقين جي آڌار تي سخت پورهيو ڪندي سنڌ ۾ فڪري ۽ علمي جاڳرتا جو علم بلند ڪرڻ ممڪن ئي نه پر آسان به ٿي سگهي ٿو.
هن ڪتاب ۾ قديم سنڌ جا رڳو سماجياتي مُهانڊا يا جاگرافيائي ۽ تهذيبي حالتون ئي نه چٽيل آهن، پر سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن، هجرتن، روايتن، ريتن، رسمن، هُنرن، کاڌن، فنن، عقيدن، سماجي سرشتن، سياسي معاملن، ڌنڌن ۽ وهنوارن سميت ذري ذري جو تفصيل ڏيئي، ماضيءَ جي جيئري جاڳندڙ سنڌ کي ڄڻ ته اکين آڏو بيهاريو ويو آهي. انهيءَ سنڌ تي نگاهه وجهندي هر سنڌيءَ جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿي سگهي ٿو ۽ منجهس اڳتي وڌڻ جو ساهس پيدا ٿيڻ لڳي ٿو.
ليکڪ جي محنت ۽ ڪتاب جي اهميت کي نظر ۾ رکندي سنڌي ادبي بورڊ اڄ کان 47 سال اڳ 1957ع ۾ ڪتاب جو پهريون ڇاپو آڻي سنڌ جي، سنڌ سان سُڃاڻپ ڪرائي. هن ڪتاب علمي ۽ ادبي حلقن ۾ وڏو چوٻول پيدا ڪندي فخرمند مڃتا ماڻي ۽ ڪاڪي ڀيرومل کي سنڌي ساهتڪارن جي پهرين صف ۾ اچي بيهاريو. ٿورڙي عرصي کانپوءِ ”قديم سنڌ“ محققن ۽ عالمن ۾ ماخذ جو درجو حاصل ڪيو ۽ سنڌ بابت ڪنهن به تحقيقي ڪم ۾ بنيادي پٿر جي حيثيت ماڻي ورتي.
”قديم سنڌ“ جو آخري ڇاپو 1992ع ۾ پڌرو ٿيو ۽ فورن هٿو هٿ وڪامي ويو. گُذريل ڪيتري وقت کان ”ڪتاب گهر“ جي مئنيجر جي سفارش هئي ته ڪتاب جو نئون ڇاپو جلد از جلد پڌرو ڪيو وڃي. بحيثيت سيڪريٽري جيئن ئي منهنجي سامهون ”قديم سنڌ“ کي چوٿون دفعو ڇاپڻ جي گذارش پهتي ته مون انتهائي ڪٺن مالي حالتن ۾ به ترجيحي طور تي انهيءَ حوالي سان اُپاءَ ورتا ۽ اڳڀرائي ڪئي. اڄ خدا جو شڪر آهي ته هي ڀلو ڪم منهنجي هٿان ٿي رهيو آهي. اُميد آهي ته لائق پڙهندڙ پڻ ساڳي پاٻوهه سان هن ڇاپي جي آجيان ڪندا.

10 – آگسٽ 2004ع
بمطابق
23 جمادي الثاني 1425هجري
انعام الله شيخ
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ