ڪتاب جِي فھرست

ڪتاب بابت

هند جي ليکڪا شالني ساگر جي ڪويتائن جو پهريون مجموعو اوهان اڳيان آنلائين پيش ڪري رهيا آهيون. 2013ع ۾ هي ڪتاب دهليءَ مان ڇپيو. هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته سڀ ڪويتائون لپي ۽ ديوناگري ۾ ڇپايون ويون آهن. نامديو تاراچنداڻي لکي ٿو:
”ڪويتا اُڌمن جو اظهار آهي، اهڙي ڪنهن وصف جو ڌاڳو پڪڙي هلون ته، شالنيءَ هت پنهنجي اُڌمن جي ساگر مان لپ ڀري اکرن ۾ اوتي آهي. جنهن ۾ آڪروش به آهي ته آدرش به، طنز به آهي ته هاسيه به“
محترمه شالني ساگر جا ٿورائتا آهيون جنهن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي اي ميل ڪئي. مهربانيون ميڊم وينا شرنگي صاحبه جون جيڪي هند مان سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي موٽ ڏينديون رهن ٿيون.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
books.sindhsalamat.com
www.sindhsalamat.com

نوٽ: هن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آهي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ