ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

منصور ٿلهو هڪ سرد رات جو جڏهن کارو ڇاڻ ويو ته اتان جي مهاڻن جي حالت ڏسي هن هڪ ناول لکي ورتو۔ سندس هي ناول مٽي ۽ مهاڻا سنڌ ساحل پبليڪيشن کارو ڇاڻ پاران 2008 ۾ ڇپايو ويو۔ ڪتاب کي ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن ۾ سنڌي لائبرري ۽ وائس آف سنڌ پاران آندو ويو آهي۔

ڪتاب مان ورتل هڪ ٽڪرو:

[i]سنڌ ڏيهه جو ڇوڙ وارو علائقو، آمدرفت، واپار ۽ ماهيگيري جي لحاظ سان ڏاڍو شاهوڪار رهيو آهي. سامونڊي مڇي، درياهي مڇي، ٻنهي پاڻين جي ميلاپ ۾ پلجندڙ مڇي يا انهن علائقن ۾ سنڌوءَ جي پالوٽ ۽ پوءِ ريٽيل زمين جو اپجندڙ اَنُ، ڀاڄيون ۽ ميوا، ماڻهن لاءِ خوشين جا جھول ڀري آڻين ٿا. مڇي به ڳڻپ کان وڌيڪ، هڪ هڪ هوڙي يا ٻيڙي تي سوين، سوين مڻ مڇي ماري ويندي هئي. هن علائقي ۾ ماڻهو ڏاڍا خوشحال هئا. خوشيون سندن اڱڻ تي اَچي جُھڪي سلام ڪنديون هيون. پر افسوس جو اڄڪلهه هتي جي حالت ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي. سنڌوءَ تي بئراج ۽ ڊئم اَڏي پَنجوڙ وجھڻ کان پوءِ سنڌوءَ جو لڙاٽيل پاڻي هن علائقي تائين پهچي نه ٿو. سنڌو جيڪو نه فقط مٺو پاڻي ججھو آڻيندو هو پر سون سريکو ريٽ آڻي، هتي نت نوان رنگ نکيريندو هو. جنهن ڪري تمر وغيره جا وڏا وڏا ٻيلا هوندا هئا، جيڪي جيوت جي کاڌ خوراڪ جو وسيلو ۽ پناهه گاهون هئا. اهي هاڻي تمر جا ٻيلا به نه رهيا آهن. نه اها جيوت رهي آهي، نه ئي ماڻهو ۽ ماڻهن ۾ زندگي جي جوت رهي آهي. هاڻي ته هتي جا ماڻهو پنهنجا لاش پنهنجن ئي ڪلهن تي کڻي هلن ٿا. ڇا ڇا نه کسيو ويو آهي هن علائقي کان...!؟[/i]

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت

[i]نوٽ : هن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آهي.[/i]

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ