ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪشمور ضلعي جي تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن تاريخي ۽ ٿحقيق ڪتاب جو ليکڪ ناميارو شاعر ارڏو اترادي آهي.
ڪشمور 2005ع ۾ ضلعو ٺهيو، ان کان اڳ جيڪب آباد ضلعي ۾ شامل هيو. ارڏو بنيادي طرح شاعر آهي پر تاريخ ۽ تحقيق تي ڪم نه هجڻ ڪري هن هي اهم ڪتاب مرتب ڪيو آهي جنهن ۾ ڪشمور ضلعي کي هر رخ سان سهيڙيو اٿس. اميد ته هي ڪتاب مستقبل ۾ ڪشمور جي تاريخ لکندڙن لاءِ رهنما ثابت ٿيندو.
هي ڪتاب 2013ع ۾ نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپايو ويو هيو. اسان ٿورائتا آهيون ارڏي اترادي جا جنهن هن ڪتاب جي اسڪين ڪيل پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail. com
www. sindhsalamat. com
books. sindhsalamat. com

نوٽ : هن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آهي.

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ