غير سامي مذهبن جا باني, ليکڪ : ڊاڪٽر الطاف جاويد

غير سامي مذهبن جا باني

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : غير سامي مذهبن جا باني
ليکڪ : ڊاڪٽر الطاف جاويد
سنڌيڪار : جاويد ميمڻ
ڪيٽيگري : مذهب
ڇپيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي
شايع ٿيڻ جو سال : 2010
شامل ڪيو ويو : 2020-09-23
ڏِٺو ويو : 1133 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 739 ڀيرا
ھي ڪتاب اوڀارين وڏن مذهبن جي وڏن رهنمائن جي حياتين، افڪار ۽ انساني سڌاري لاءِ سندن ورتل ڪوششن جو مجموعو آھي جنھن جو ليکڪ الطاف جاويد آھي ۽ سنڌيڪار جاويد ميمڻ آھي. الطاف جاويد ھڪ اھم موضوع تي ڪتاب لکيو آھي. ھو لکي ٿو:
”مون آرين ۽ زرد قومن ۾ آيل، مختلف مذهبن جي بانين، سندن حالتن ۽ تعليم تي لکيو آهي. قرآن حڪيم ۾ صرف سامي قوم سان تعلق رکندڙ نبين جو ذڪر آهي پر قرآن چيو آهي ته اسان هر ڳوٺ (قريه) ۾ پنهنجو پيغمبر موڪليو آهي پر مسلمان عالمن ۽ دانشورن عملي طور قريه يا وسنديءَ کي صرف عرب ۽ فلسطين تائين محدود ڪري ڇڏيو. جڏهن هندستان، يونان، ايران ۽ چين وغيره جهڙا وسيع خطا ۽ اُتي رهڻ وارا ڪروڙين انسان موجود آهن ته پوءِ ڇا انهن ڏانهن ڪو به پيغمبر نه موڪليو ويو هوندو؟ يا قريه لفظ جو لاڳاپو انهن ملڪن ۽ قومن تي نه ٿو ٿئي؟
قرآن جا لفظ آهن ته: ”ڪو به ڳوٺ يا امت اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڊيڄارڻ وارو نه موڪليو هجي.“
وَ لِكُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلٌ ۚ (يونس: ٤٧) ”هر امت (يا قوم) جي لاءِ رسول آهي.“
ته ڇا هندستان چين، يونان، ايران وغيره جي قومن ڏانهن هادي نه آيا؟ ڇا انهن کي تسليم نه ڪرڻ قرآني حڪم جي خلاف نه آهي؟“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري مذهب مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ