ڇا لکان
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ڪالم نگار عبدالقادر جوڻيجي جي چونڊ تاريخي، سماجي، سياسي ۽ ادبي مضمونن / ڪالمن ۽ ترجمن جو مجموعو آھي، پھرين حصي ۾ مضمون آھن جيڪي سال وار ترتيب سان آھن جڏھن تہ ٻئي حصي ۾ ترجما شامل ڪيا ويا آھن. عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو ”مضمون لکندڙ ڪنھن بہ Dead Line ۽ ڪنھن بہ خاص موضوع جو محتاج نہ ھوندو آھي. اھا مضمون نگار جي مرضي ھوندي آھي تہ ھو جڏھن چاھي ۽ جيئن چاھي پنھنجي دل وٽان مضمون لکي. انڪري منھنجي ھنن لکڻين کي ڪالم نہ پر مضمون سمجهيو وڃي.“