دعا مان ڪريل لفظ
هي ڪتاب سعيد سومري جو شاعراڻو نثر آهي. ولي رام ولڀ لکي ٿو:
’دعا مان ڪريل لفظ‘ شاعر/ليکڪ زندگيءَ کان فرار لاءِ نہ رچيا آهن، بلڪ ايئن چئي سگهجي ٿو تہ اهي سندس شاندار درشٽيءَ (vision) جي صورت اختيار ڪري ويا آهن، جن ۾ ڪٿي محبت جو نماڻو رنگ ملي ٿو تہ ڪٿي ڪروڌ ڀري نفرت، ڪٿي طنز جو تکو تير، تہ ڪٿي پاٻوه ڀري ٻاجهاري هٿ جو ڇھاءُ. پر مون کي لڳي ٿو تہ هو هڪ شاعر جي حيثيت سان سرشٽيءَ سان محبت جي ڏوريءَ سان سلھاڙيل آهي ۽ هوريان هوريان اندروني آنند جو مزو ماڻيندو اڳيان وڌيو آهي، ڇو جو شاعري/شاعراڻي خيال سان کيڏڻ ۽ ڪرم ڀوميءَ ۾ پنھنجي ڀومڪا نباهڻ ايئن آهي جيئن مقدس زندگي گذارڻ.