خلافت تحريڪ ۽ جي ايم سيد
ھي ڪتاب سائين جي ايم سيد جي لائبريريءَ ۾ خلافت تحريڪ بابت موجود تاريخي دستاويزن جي روشنيءَ ۾ تيار ڪيو ويو آھي. خلافت تحريڪ جو نہ رڳو سنڌ پر برصغير جي سياسي توڙي سماجي چرپر ۾ بنيادي نوعيت وارو ڪردار رھيو آھي. سائين جي ايم سيد جي عملي سياسي زندگيءَ جو آغاز، خلافت واري تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ سان ٿئي ٿو، جڏھن سندس ڄمار سورنھن سال ھئي. سڄي تحريڪ دوران جي ايم سيد تمام سرگرم رھيو. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ جي ايم سيد جو خلافت تحريڪ ۾ ورتل حصو، تقريرون ۽ تحريرون شامل آحن، ٻئي حصي ۾ خلافت تحريڪ جو دستاويزي مواد (خط، اشتھار ۽ پمفليٽ) شامل ڪيل آھن.