شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ تصوف جا سلسلا
ھن ڪتاب ۾ عابد مظھر تصوف جي تشريح، تصوف جي اسلامي سلسلن چشتيہ، سھرورديہ، قادريہ ۽ نقشبنديہ جو ذڪر ۽ سنڌ ۾ انھن صوفي سلسلن جي شخصيتن جو احوال، شاھہ لطيف جي شخصيت ۽ سوانح، شاھہ لطيف جي دور جي ھمعصر صوفي بزرگن ۽ شاعرن جو احوال پڻ ڏنو آھي. ساڳي وقت ھو لکي ٿو تہ ڀٽائيءَ جو تعلق قادريہ سلسلي سان ھيو.