نجم عباسي جديد انقلابي فڪر جو ترجمان
ھي ڪتاب اصل ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ پيش ڪيل تحقيقي مقالو آھي. ھي مقالو صرف تحقيقي نہ پر تجزياتي ۽ تنقيدي اڀياس جي حيثيت رکي ٿو، جنھن جو مطالعو سنڌي ڪھاڻي جي شروعات کان موجودہ دور تائين آيل تبديلين کي ڏسڻ لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ھي تحقيقي پورھيو ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جھڙي نامياري ۽ انقلابي ليکڪ جي حياتي توڙِ علمي ۽ ادبي ڪاوشن جي پسمنظر ۽ مقصدن کي واضح ڪندڙ آھي.