جل تي ڪنول جيئن
نصير سومري جديد صنفن سميت شاعريءَ جي ھر صنف تي ڪامياب طبع آزمائي ڪئي آھي. سندس شاعريءَ ۾ ھونئن بہ انساني مشاھدي جا گهڻا ئي رنگ ملندا، پر خاص طرح آفاقي ديد Cosmic Vision وارو عنصر سرس نظر ايندو. نصير سومري اھڙا ڪيئي شعر رچيا آھن، جيڪي پنھنجي اثر پذيريءَ ڪري پڙھندڙن يا ٻڌندڙن کي ياد رھندا ۽ ذھنن ۽ دلين کي ھميشہ گرمائيندا رھندا.