تحريڪِ آزاديءَ ۾ سنڌ جي عالمن جو حصو
ڪتاب ۾ سنڌ ۾ انگريزن جي آمد ۽ انھن جي سببن، سنڌ تي انگريزن جي قبضي، تحريڪ آزاديءَ جي آغاز کان آزاديءَ تائين ۽ سنڌ جي ابتدائي دور ۽ عالم جو ذڪر ڪيل آھي. ھن ڪتاب ۾ سڄن ھڪ سئو سالن جي انگريز لٽيرن ۽ شاطرن جي غلاميءَ مان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ھمعصر سنڌي علماءِ ڪرام جي ورتل حصي ۾ ادا ڪيل ڪردار جي ڳالھہ ڪيل آھي. ريشمي رومال تحريڪ، ھجرت تحريڪ، خلافت تحريڪ، خاڪسار تحريڪ، سنڌ ھاري ڪميٽي جي جدوجھد جو ذڪر ڪيل آھي. عالم سڳورن جي زندگيءَ جو احوال پڻ مفصل ڏنو ويو آھي.