سنڌ ڪھاڻي ۽ جي ايم سيد
سنڌ جي ويجهي تاريخ جي ڪھاڻي بابت ھي ڪتاب ھڪ اھميت وارو دستاويز آھي. ڪتاب ۾ ٽالپر دور کان انگريز دور ۽ انگريز دور کان پاڪستان ٺھڻ تائين ۽ پاڪستان ٺھڻ کان ون يونٽ جي دور ۽ پوءِ بابت بيحد اھم سياسي ۽ تاريخي معلومات شامل آھي. سائين جي ايم سيد سنڌ جي اھا سڄاڻ ھستي آھي جنھن پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز اٿاريو ۽ تحريڪون ھلايون. انھن سڀني حالتن جيئن ون يونٽ خلاف تحريڪ، سائين جي ايم سيد جي علمي ادبي خدمتن، ڌارين جي آبادڪاري خلاف تحريڪ، ۽ سنڌ جي علحدگي جي تحريڪ بابت سائين جي ايم سيد جي ڪردار کي ھن ڪتاب ۾ چٽيءَ طرح نروار ڪيو ويو آھي.